دادو(رپورٽ: غوث جھتيال)سنڌياڻي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد آرگنائيزر شازيه احمداڻي، سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر فضا ملاح،سينيئر اڳواڻ اميرزادي برھماڻي ۽ عذرا رند جي اڳواڻي ۾ واهي پانڌي پهتو، اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي نالي تي عورتن جي قتل جا واقعا وڌي رهيا آهن، تعليمي ادارن ۾ ڇوڪرين کي هراسان ڪري کين خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، حڪومت جرڳائي نظام کي هٿي ڏئي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، جنهن سبب انصاف جو نظام ڪمزور ٿي ويو آهي، پوليس، سردار ۽ بااثر اڪثر اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي بچائين ٿا، جڏهن ته غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙن خلاف ڪو اثرائتو قدم نه ٿو کنيو وڃي.