ساهيوال (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر ساهيوال ۾ مڙس طرفان ٻي شادي ۾ پهرين گهرواري جي اچڻ تي ٿرٿلو مچي ويو.
شادي جي تقريب جاري هئي ته پهرين گهرواري ٻن ٻارن سان گڏ پهچي وئي، جنهن تي گهوٽ ۽ ڪنوار هال مان فرار ٿي ويا.
ٻي شادي ڪندڙ همراهه 4 سال اڳ فيصل آباد ۾ شادي ڪئي هئي ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي.
هو پهرين گهرواري کان لِڪي ٻي شادي ڪري رهيو هو، پهرين گهرواري جي گوڙ تي شادي تقريب ۾ ٿرٿلو مچي ويو.
You might also like