گهرو وزير جي ايراني سفير سان ملاقات، اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ٻئي مرحلي بابت خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) گهرو وزير محسن نقوي ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سفارتي ۽ ڳالهين وارن چينلز ذريعي پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.
پڌرائي موجب، گهرو وزير محسن نقوي ايراني سفير کي ايران جي تازي دوري بابت آگاهه ڪيو، جڏهن ته ايراني سفير ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ۽ تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ تياريون مڪمل آهن، پرڏيهي وفدن لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.
محسن نقوي چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ-ايران ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا تڪرار جو ڳالهين ذريعي حل چاهي ٿو، تڪرار جو دائمي حل ئي خطي جي استحڪام ۽ امن جو ضامن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.