پاڪستان عالمي محاذ تي امن جو سفير پر ملڪي سطح تي اونداهي ۾ ٻڏل

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) سال 2026ع ۾ جتي پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائي عالمي سطح تي امن جو سفير بڻجي اڀريو آهي، اتي ملڪ جي اندر لوڊشيڊنگ ۽ بدانتظامي عوام کي 90ع واري ڏهاڪي جي اونداهيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ 7 کان 8 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ زندگيءَ کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪو مستقل حل گذريل 20 سالن ۾ ناهي ڪڍيو ويو. حڪومتي اختيارين پاران بجلي جي بحران کي ايران-اسرائيل تڪرار ۽ آبناءِ هرمز جي بندش سان جوڙيو پيو وڃي، جنهن ڪري تيل ۽ گيس جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو جواز پيش ڪيو ويو آهي. تجزيي نگار نصرت جاويد جو چوڻ آهي ته بجلي جي کوٽ جو اصل سبب رڳو عالمي بحران ناهي پر آءِ پي پيز سان ڪيل ماضيءَ جا غلط معاهدا آهن. پاڪستان وٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش ضرورت کان وڌيڪ هجڻ باوجود غلط پلاننگ ۽ سرڪيولر ڊيٽ سبب عوام کي ڪپيسٽي پيمنٽس جو بار کڻڻو پوي ٿو. ٻئي طرف، حڪومتي ترجمانن جي رويي تي پڻ سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، جيڪي عوام کي سادي ٻوليءَ ۾ حقيقت ٻڌائڻ بدران ڪپيسٽي اشوز ۽ بڪٽ بائينگ جهڙيون ڏکيون اصطلاحون استعمال ڪري رهيا آهن. حڪومت جي اها دعويٰ ته اسان وٽ 28 ڏينهن جو تيل موجود آهي، لوڊشيڊنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ مشڪوڪ بڻجي وئي آهي. عوام جو چوڻ آهي ته عالمي سطح تي ملڪي ساک بحال ٿيڻ فخر جي ڳالهه آهي، پر جيسين گهرن مان اونداهي ۽ مهانگائي ختم نه ٿيندي، تيسين اها سفارتي ڪاميابي عام ماڻهوءَ لاءِ بي معنيٰ رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.