اسلام آباد(رزاق کٽي)خميس جي منجهند کان پوءِ اسلام آباد کي ڏسندي ائين لڳي رهيو هو ته ايران-آمريڪا ڳالهين واري ايونٽ کان به ڪو وڏو ايونٽ ٿيڻ وارو آهي۔ اها راءِ هڪ ڏينهن اڳ فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران دوري ۽ ان ئي دوران ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن مان ٺهي هئي۔ خميس ڏينهن ئي هڪ خبر به زبانن تان ٿيندي ڪنن تائين پهتي ته تهران جي دوري کان پوءِ جنرل عاصم منير آمريڪا به وڃي سگهي ٿو۔ پر ساڳئي ڏينهن، جڏهن پاڪستاني وقت موجب رات جا يارنهن ٿيا هئا، صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران سان ڳالهيون آخري مرحلن ۾ آهن، ڊيل تقريبن فائنل ٿي رهي آهي، ۽ هو پاڻ به ان ڊيل تي صحيحون ڪرڻ لاءِ اسلام آباد اچي سگهي ٿو“.صدر ٽرمپ جي هن اعلان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪي وزير جنگ ايران سان جنگبندي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو هو ته ٽرمپ انتظاميه جي اندر موجود سخت گير ۽ اسرائيل نواز حلقا ڪنهن به صورت ۾ اهو نه چاهيندا ته ايران سان امن معاهدو ٿي وڃي۔ڇا امن معاهدي جا مخالف ايترا طاقتور آهن؟اهو سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ٽرمپ جي چوڌاري موجود انهن اهم ماڻهن کي ڏٺو وڃي، جيڪي سندس فيصلن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا۔ان سلسلي جي شروعات خود ٽرمپ جي ڌيءَ ايوانڪا ٽرمپ کان ٿئي ٿي۔ سندس مڙس جيرڊ ڪشنر هڪ سخت گير يهودي ۽ “گريٽر اسرائيل” جي خيال جو حامي سمجهيو وڃي ٿو۔ ساڳيءَ ريت اسٽيو وِٽڪوف، ڊيوڊ فريڊمين، جيسن گرين بليٽ، مريم ايڊلسن ۽ ٻيا به انهن شخصيتن ۾ شامل آهن، جيڪي اسرائيلي مفادن جا مضبوط حامي سمجهيا وڃن ٿا۔جيرڊ ڪشنر ۽ ٽرمپ جي ڌيءَ ايوانڪا وچ ۾ جڏهن لاڳاپا وڌيا ۽ ڳالهه شادي تائين پهتي ته جيرڊ ڪشنر جي سخت گير يهودي خاندان جو پهريون شرط اهو هو ته ايوانڪا پهرين آرٿوڊوڪس يهودي مذهب قبول ڪري۔ ايوانڪا اهو ئي ڪيو ۽ پوءِ 2009ع ۾ ٻنهي جي شادي ٿي۔جيرڊ ڪشنر هڪ وڏي يهودي ڪاروباري خاندان سان تعلق رکي ٿو۔ پنهنجي سھري(ٽرمپ) جي پهرين دور حڪومت دوران ابراهيم معاهدن ۽ عرب نارملائزيشن جي عمل ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪو اسرائيلي ايجنڊا سان ڳنڍيل سمجھيو وڃي ٿو۔ هو وچ اوڀر جي معاملن ۾ سرگرم رهيو آهي ۽ قطر ۽ سعودي عرب سان ڪاروباري لاڳاپا به رکي ٿو۔ ساڳي طرح اسٽيو وِٽڪوف ٽرمپ جو وچ اوڀر بابت صلاحڪار آهي، وڏو ڪاروباري ماڻهو آهي، ٽرمپ جو تمام ويجهو ۽ اسرائيل نواز سمجھيو وڃي ٿو۔ اهي ئي ٻه ماڻهو هئا جيڪي ايران-آمريڪا ڳالهين جي سلسلي ۾ اسلام آباد آيا هئا، ۽ ڳالھيون ناڪام ٿي ويون.ساڳيءَ ريت اسٽيفن ملر ٽرمپ جو سينئر پاليسي ايڊوائيزر آهي، هو اميگريشن پاليسي ۽ نظرياتي فريم ورڪ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار رکي ٿو ۽ ڪٽر يهودي سمجھيو وڃي ٿو۔ ”ريفارم جوڊازم ڊاٽ او آر جي“ موجب هو ٽرمپ تي گهرو اثر رکي ٿو۔ جيسن گرين بليٽ به آرٿوڊوڪس يهودي آهي ۽ ابراهيم معاهدن جي اهم ڪردارن ۾ شمار ٿئي ٿو۔ٻئي طرف آمريڪي وزير جنگ پيٽ هيگسيٿ پاڻ ايونجيليڪل عيسائي آهي۔ انھي مذهبي سوچ جو بنيادي عقيدواهو آهي ته حضرت عيسىٰ المسيح جي ٻيهر آمد کان اڳ آخري زماني جي هڪ وڏي جنگ ٿيندي، جنهن کان پوءِ مسيح دنيا تي ايندو۔ ايران خلاف جنگ کي به ڪجهه حلقا ان ئي پسمنظر ۾ ڏسن ٿا۔ هيگسيٿ جي سوچ ۾ ايران کي “شيطان” ۽ آمريڪا کي “خير” جي قوت طور پيش ڪيو ويندو آهي۔ هو گذريل سال جون کان پينٽاگون ۾ باقاعده دعائن جون تقريبون ڪرائيندو رهيو آهي، جتي ايونجيليڪل عيسائي نظريي جي تبليغ ٿيندي رهي آهي۔ ٽرمپ جي ووٽرن جي وڏي اڪثريت به ان ئي مذهبي رجحان سان لاڳاپيل سمجهي وڃي ٿي۔هاڻي اچون ٿا نيتن ياهو جي واشنگٽن تي اجاراداري ڏانهن۔ايران تي حملو 28 فيبروري تي ٿيو، جڏهن ته 11 فيبروري تي نيتن ياهو آمريڪا جو دورو ڪيو۔ ان دوران هن وار روم ۾، جتي صدر کان سواءِ فقط ڪجهه ئي اهم ماڻهو وڃي سگهن ٿا، تقريبن 90 منٽن تائين ٽرمپ کي بريفنگ ڏني۔ ان بريفنگ ۾ ايران تي حملي کان پوءِ جي مڪمل تصوير وڊيوز سميت پيش ڪئي وئي۔ ڪجهه ڏينهن اڳ نيويارڪ ٽائمز به ان بريفنگ بابت تفصيل شايع ڪيا هئا۔ ان ۾ اهو چيو ويو ته هي جنگ گهڻي دير نه هلندي، ايران جي سياسي، عسڪري ۽ انٽيليجنس قيادت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ فوري طور رجيم تبديل ٿي ويندو، ۽ آبناءِ هرمز به بند نه ٿيندو۔هن انتهائي حساس بريفنگ ۾ موجود اڪثر عملدار نيتن ياهو سان متفق هئا، سواءِ ٻن يا ٽن جي۔ جن مان هڪ خاموش رهيو، جڏهن ته هڪ ٻئي راءِ ڏني ته جيڪڏهن جنگ ٿئي به ته مختصر هجڻ گهرجي۔پر ايراني ردعمل بابت جيڪا بي خبري هئي، اها آمريڪي تاريخ جي وڏين انٽيليجنس ناڪامين مان هڪ ثابت ٿي۔ انهيءَ بي خبري آمريڪا کي اهڙي هنڌ تي پهچايو، جتي هاڻي ان جي عالمي ڪردار تي سوال اٿي رهيا آهن۔حقيقت ۾ ايراني ردعمل ئي اهو عنصر هو، جنهن نيتن ياهو ۽ ٽرمپ ٻنهي جو حساب اونڌو ڪري ڇڏيو۔ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ جڏهن به ٽرمپ اهڙي ڪا ڳالهه ڪندو، جنهن مان اهو تاثر ملي ته هو جنگ مان نڪرڻ چاهي ٿو، اوچتو ايپسٽين فائلز جون نيون نيون وڊيوز سامهون اچڻ لڳيون آھن۔نيتن ياهو لاءِ ايران-آمريڪا معاهدو هاڻي هڪ اهڙو ڦاھو بڻجي سگهي ٿو، جيڪو سندس سياسي موت جو سبب بڻجي۔ جيڪڏهن اهو معاهدو ٿي وڃي ٿو ته “گريٽر اسرائيل” وارو منصوبو به گهڻو پوئتي هليو ويندو۔ ان ڪري هو ڪنهن به صورت ۾ اهو نه چاهيندو ته هي معاهدو ٿئي، ڇاڪاڻ ته ايران ۾ رجيم چينج جو سندس سڀ کان وڏو خواب هاڻي ذري گھٽ ٽٽي چڪو آهي۔ باقي رهيل نقطا اهڙا آهن، جن جي سياسي قيمت گهٽ آهي۔ٽرمپ پاران اسلام آباد اچڻ جي امڪاني تاريخ سامهون اچڻ کان پوءِ امڪان آهي ته ايپسٽين فائلز وڌيڪ سامهون آنديون وڃن، جيئن ٽرمپ تي دٻاءُ وڌائي سگهجي۔ اهو به ممڪن آهي ته سندس گھرواري به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هن ڪهاڻي جو حصو بڻيل نظر اچي۔ٽرمپ کي هن جنگ ۾ اهو خواب ڏيکاري ڦاسايو ويو ته هو پنهنجي ووٽرن کي ٻڌائيندو ته هن ڪيئن هڪ “دهشتگرد رجيم” کي ختم ڪيو ۽ ان جا وسيلا به پنهنجي قبضي ۾ آڻي ورتا۔ پر حقيقت ان جي ابتڙ نڪتي۔ هاڻي هو جنگ مان نڪرڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته نومبر ۾ ٿيندڙ مڊ ٽرم چونڊون سندس سياسي مستقبل جو فيصلو ڪنديون۔ جنگ مهانگي ٿي چڪي آهي، ايران جا سستا ڊرون ڪيرائڻ لاءِ آمريڪا جا مهانگا ميزائل تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن۔ عرب ملڪ ناراض آهن، ڇو ته آمريڪا سندن دفاع نه ڪري سگهيو۔ٽرمپ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته آمريڪي اقتداري ڍانچي ۾ ايتري طاقت موجود ئي ناهي جو هو اسرائيل تي حقيقي اثر وجهي سگهي۔جيڪڏهن هي معاهدو ٿي وڃي ٿو ته اها صرف پاڪستان جي نه، پر انهن سڀني انسانن ۽ ملڪن جي فتح هوندي جيڪي اسرائيلي نسل ڪشي جا سخت مخالف آهن، ۽ جيڪي اسرائيل کي کلي يا خاموشي سان هڪ دهشتگرد رياست سمجهن ٿا۔۽ جيڪڏهن پاڪستان، جنهن اسرائيل کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو، هن معاهدي ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ته اها پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي عالمي ڪاميابي سمجهي ويندي—اهڙي ڪاميابي، جنهن ۾ اهو ملڪ جيڪو ھن جنگ جو شروع ڪندڙ ھو ڌر ئي نه هو۔