واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت هيٺ وائٽ هائوس جي سچوئيشن روم ۾ ايران جي صورتحال بابت هڪ انتهائي اهم ۽ هنگامي اجلاس منعقد ٿيو. آمريڪي ميڊيا موجب، اجلاس دوران صدر ٽرمپ پاڪستان جي سپهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايراني عملدارن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري خطي جي صورتحال ۽ جاري امن ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ نائب صدر جئي ڊي وينس، پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، دفاعي وزير پيٽر هيگ سيٿ، سي آءِ اي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. مليل رپورٽن موجب، اجلاس جو مکيا مرڪز آبناءِ هرمز جي نئين صورتحال ۽ ايران سان جاري ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ هو. ياد رهي ته هي اجلاس اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري 15 ڏينهن واري جنگ بندي جي مدت ختم ٿيڻ ۾ صرف 3 ڏينهن باقي آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن چيو هو ته کيس هن هفتي اندر ايران سان هڪ وڏي ڊيل جي اميد آهي، تنهن هوندي به ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ اڃا تائين ڪا تاريخ طئي ناهي ٿي سگهي. وائيٽ هائوس جي اختيارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ سفارتي محاذ تي ڪا وڏي ڪاميابي نه ملي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ جو شديد خطرو آهي.