سعودي عرب پاڪستان ۾ رکيل 3 ارب ڊالر رول اوور ڪري ڇڏيا، معاهدي تي صحيحون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان ۾ رکيل 3 ارب ڊالر جا ڊپازٽ رول اوور ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ سعودي جي ترقي بابت فنڊ وچ ۾ باقاعدي معاهدو طئي ٿي ويو، سعودي عرب طرفان معاهدي تي صحيحون سعودي فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو، جڏهن ته پاڪستان طرفان اسٽيٽ بينڪ گورنر جميل احمد صحيحون ڪيون.
واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل تقريب ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب به شريڪ ٿيو، جنهن چيو ته معاهدو پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ مضبوط اقتصادي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.