پاڪستان ۾ تيل سستو ٿيندو يا نه؟ وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته پاڪستان جي ڪوششن سان لبنان ۾ جنگبندي ٿي ۽ آبناءِ هرمز کلي ويو آهي، جنهن کانپوءِ تيل اگهن ۾ جلد لاٿ ايندي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اويس لغاري چيو ته الله جو شڪر آهي ته پاڪستان کي هڪ وڏو موقعو مليو، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڀرپور ڪوششن سان پاڪستان عالمي امن جو علمبردار بڻيو آهي.
واضح رهي ته ايران طرفان آبناءِ هرمز کولڻ جي اعلان کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه تيزي سان گهٽجي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.