پاڪستاني وزيراعظم جي ڪوششن سان خطي ۾ جنگ رڪجي وئي: ترڪ صدر

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم جي ڪوششن سان خطي ۾ جنگ رڪجي وئي، ان جنگبندي کي امن جي هڪ موقعي طور ڏسڻ گهرجي.
انطاليه ڊپلوميسي فورم کي خطاب ڪندي ترڪ صدر چيو ته اسان خطي ۾ امن ڪوششون جاري رکنداسين، ڪنهن به مسئلي جو حل سفارتڪاري ذريعي ممڪن آهي، ترڪي عالمي اڳواڻن جي سربراهي اجلاس سميت وچ اوڀر ۾ ڊگهي امن خاطر ڳالهين جي ميزباني لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته دنيا جي طاقت جو توازن مَٽجي رهيو آهي، غزا ۾ نسل ڪشي ظاهر ڪري ٿي ته عالمي نظام ڪنهن کي بچائڻ لاءِ آهي، عالمي برادري کي اسرائيلي پاليسين خلاف بيهڻ گهرجي، اسرائيلي پاليسين سبب سڄي دنيا عدم استحڪام جو شڪار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.