راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا مقامي طور ٺاهيل اينٽي شپ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب اينٽي شپ ميزائل پري فاصلي تي هدف کي انتهائي درستگي ۽ تيز رفتاري سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ميزائل فائرنگ جو مشاهدو ڪيو، جهن ته سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي ٽيم به موجود هئي.
آءِ ايس پي آر موجب ميزائل جديد گائيڊنس سسٽم ۽ اعليٰ صلاحيت جي ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، ميزائل خطرن کان بچڻ ۽ تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ اثرائتي انداز ۾ هدف حاصل ڪندو آهي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مقامي سطح تي تيار ڪيل ميزائل پاڪستان جي ٽيڪنيڪي مهارت جو واضح ثبوت آهي، ڪامياب تجربو آپريشنل مهارت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ميلاپ جي عڪاسي ڪري ٿو، جڏهن ته ڪامياب تجربي تي صدر، وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت ٽيم کي ساراهيو.
You might also like