سنڌ ڪابينا طرفان فوتي ڪوٽا بحال ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه فوتي ڪوٽا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.
ترجمان موجب وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته فوتي ڪوٽا جي جا سيپٽمبر 2024 تائين جيڪي به ڪيس آهن، انهن تي غور ڪري ميرٽ تي فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته سنڌ ۾ مرحوم ملازمن جي اولاد لاءِ فوتي ڪوٽا ختم ڪئي وئي هئي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ ڪابينا 4 ڊسمبر 2024 ۾ فوتي ڪوٽا ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
ڪابينا منظوري ڏني ته سيپٽمبر 2024 کان اڳ داخل ڪيل فوتي ڪوٽا جي ڪيسن تي قانون موجب غور ڪري سگهجي ٿو ۽ لاڳاپيل کاتن پاران ميرٽ تي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.