اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابي ڏانهن وڌي رهيون آهن. سينئر تجزيي نگار شاهزيب خانزاده موجب، ڊونلڊ ٽرمپ اڳوڻي انڪار کانپوءِ هاڻي ٻيهر اسلام آباد ۾ ئي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي ۽ هن پنهنجي ٽيم کي پاڪستان ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٽرمپ پاران پاڪستاني وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪردار جي به کليل لفظن ۾ تعريف ڪئي وئي آهي. صحافي حامد مير اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته مشاهد حسين پاران چيني ذريعن کان مليل معلومات موجب، ٽرمپ 14 مئي کان اڳ ايران سان ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان تاريخ تي کيس ايران جو دورو ڪرڻو آهي. اهڙي صورت ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي اسلام آباد آمد جا چٽا امڪان آهن ته جيئن ٽرمپ پاڻ معاهدي تي صحيحون ڪري تاريخي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي. ٽرمپ چين ذريعي اتر ڪوريا سان به معاهدو ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن هو نوبل امن انعام حاصل ڪري سگهي. ٻئي طرف، شهزاد اقبال جو چوڻ آهي ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس به پاڪستان جي ڪوششن جا ٿورا مڃيا آهن. 90 سيڪڙو ڊيل اڳ ئي مڪمل هئي، پر رڳو لبنان واري معاملي تي اسرائيل جي ضد سبب رڪاوٽ پيدا ٿي هئي. هاڻي جڏهن اسرائيل عالمي سطح تي اڪيلو ٿي چڪو آهي ۽ يورپي ملڪ به مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن، ته اميد ڪئي پئي وڃي ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايندڙ ڳالهين ۾ سڀني نڪتن تي اتفاق ٿي ويندو. پهريان ٽرمپ چيو هو ته اسلام آباد نه پر ٻئي هنڌ ڳالهيون ٿينديون پر هن سوال ڪندڙ نمائندي کي ٻيهر فون ڪري چيو ته پنهنجي ٽيم کي اسلام آباد ۾ ئي رکو، اسان ٻيهر اتي ئي ڳالهيون ڪري سگهون ٿا. ترڪي تي به هن انڪار ڪيو هو. ٽرمپ پاڻ دٻاءَ ۾ نظر اچي ٿو. ڳالهيون ڊگهيون ٿي سگهن ٿيون پر هاڻي ائين لڳي ٿو ته ڌريون وري جنگ ڏانهن نه وينديون، ان جا امڪان وڌيڪ آهن.