عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ بجلي نه ملندي!

اسلام آباد (بيورو) پاور ڊويزن ملڪ ۾ بجلي جي اگهن کي وڌيڪ مهانگو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پيڪ آورز ۾ روزانو سوا ٻه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان پاران جاري ڪيل  پيڪ آورز ريليف اسٽريٽجي موجب، هي لوڊشيڊنگ شام 5 وڳي کان رات 1 وڳي جي وچ ۾ ڪئي ويندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت جو سڀ کان وڏو چيلنج پيڪ آورز ۾ بجلي جي طلب وڌڻ آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن مهانگو ٻارڻ استعمال ڪيو وڃي ها ته بجلي 5 کان 6 رپيا في يونٽ مهانگي ٿي سگهي پئي. هن قدم ذريعي امڪاني طور 3 رپيا في يونٽ تائين جي واڌ کي روڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي مقامي گئس پاور پلانٽس کي فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن سان اگهن ۾ 80 پئسا وڌيڪ واڌ جو رستو پڻ روڪيو ويو آهي. پاور ڊويزن وڌيڪ واضح ڪيو ته فرنس آئل جو استعمال محدود ڪرڻ باوجود عالمي حالتن سبب واهپيدارن کي تقريبن ڏيڍ رپيو في يونٽ واڌ لاءِ تيار رهڻو پوندو. ترجمان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي سطح تي واپاري مرڪز ۽ مارڪيٽون وقت تي بند ڪيون وڃن ته بجلي جي طلب گهٽائي اگهن ۾ وڌيڪ ريليف ڏئي سگهجي ٿو. سمورين بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين ڊيسڪوز کي لوڊشيڊنگ جو شيڊيول واهپيدارن سان شيئر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب، حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن کي شام 5 وڳي کان رات 1 وڳي تائين سوا ٻه ڪلاڪ واڌو لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏني وئي آهي. پاور ڊويزن واضح ڪيو آهي ته جتي سستي بجلي پهريان ئي موجود آهي، اتي واهپيدارن کي تڪليف نه ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.