ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شرميلا فاروقي چيو آهي ته ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ۔تازو هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ هن شرڪت ڪئي، هن چيو ته ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ”هن جواب تي اتي موجود اڳوڻا ڪرڪيٽر ۽ ٻيون شخصيتون تاڙيون وڄائيندي مسڪرائي ويٺا،سوشل ميڊيا تي ان بيان کانپوءِ دلچسپ ۽ سنجيده تبصرا شروع ٿي ويا،شرميلا فاروقي جا ميمز بڻجڻ به لڳا،ايڪس(ٽوئيٽر) تي فيصل نصير لکيو ته شرميلا فاروقي بلڪل صحيح آهي۔ ڪراچي ۾ رهڻ بلڪل پيرس ۾ رهڻ جهڙو آهي، بلڪل 1872 واري پيرس جهڙو، جڏهن اتي ڪچيون آباديون، گنديون گهٽيون ۽ کليل نيڪال هئا۔هن وڌيڪ چيو ته مرتضيٰ وهاب جو شڪريو، جنهن پاڪستان ۾ ئي پيرس جهڙو تجربو مهيا ڪيو،قمر عالم لکيو ته ڇو ته ڪراچي ۾ هڪ وقت اسٽيل مل هوندي هئي۔شمائله ناصر ستي لکيو ته ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان خراب شهر آهي۔هر رستو ۽ هر ڪنڊ ٽٽل آهي۔تمام گهڻي بدبو ۽ مڇر آهن۔حالتون انتهائي خراب آهن، جج جسٽس(ر)وجيهه الدين احمد چيو ته ڪراچي جي موجوده صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي،ٽي ڪروڙ آبادي واري هن شهر کي نه بلدياتي سطح تي مڪمل ڌيان مليو نه صوبائي سطح تي نه ئي وفاقي سطح تي مالڪي ملي ،صحافي طارق متين لکيو ته ڪجهه علائقن کي ڇڏي، ڪراچي جو حال سنڌ جي ٻهراڙي جي ڳوٺن کان به خراب آهي غلام الدين لکيو ته حڪمرانن شهر قائد جو اهڙو حال ڪيو آهي جيڪو شايد موهن جو دڙو کان به خراب هجي۔شهر ۾ عمارتن جو جهنگ قائم آهي رستا ناقابلِ سفر آهن وڻ ۽ پارڪ نه آهن صاف پيئڻ جو پاڻي موجود ناهي صفائي سٿرائي جو به ڪو مناسب نظام ناهي هن سوال ڪيو ته ڪراچي جي ماڻهن کان آخر ڪهڙي ڏوهه جو انتقام ورتو پيو وڃي؟عليزئي ولاگز چيو ته يا ته انهن ماڻهن پيرس نه ڏٺو آهي، يا مون ڪو ٻيو ڪراچي ڏٺو آهي۔زاهد منصوري ٽوڪ واري انداز ۾ لکيو ته جي ڊي وينس واپسي دوران جهاز جي دريءَ مان ڏسي پنهنجي نائب کي چيو ته:يار اسان ايران ۾ ته تمام گهڻي تباهي ڪري ڇڏي آهي”نائب جواب ڏنو:نه نه سر، هي ايران ناهي، هي ڪراچي آهي، هي سڀ تباهي پيپلز پارٽي ڪئي آهي، اسان جو ان سان ڪو به واسطو ناهي،پي ٽي آءِ جي اڪبر ايس بابر چيو آهي ته هي ڳالهه صحيح آهي ته سنڌ جا حڪمران “پيرس” جهڙي زندگي گذارين ٿا۔اها الڳ حقيقت آهي ته سنڌ جي اڪثريت غربت ۽ تنگدستي جي حالت ۾ زندگي گذاري رهي آهي
ڪراچي ۾ مختلف کاتن ۾ رابطن جي کوٽ آهي:مرتضيٰ وهاب
ڪراچي(رپورٽر ) پائيدار شهري ترقي کي يقيني بڻائڻ، ڪم جي ورجاءُ کان بچڻ ۽ سڄي شهر ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتر منصوبابندي لاءِ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن سڀني جاري ۽ ايندڙ ترقياتي منصوبن کي گڏيل منصوبابندي ۽ عملدرآمد تحت آڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔ اها هدايت ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين واٽر ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي هيڊ آفيس ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪئي۔ اجلاس ۾ غير مربوط ترقياتي ڪمن سبب پيدا ٿيل پراڻن مسئلن، خاص طور تي نون ٺهيل روڊن کي واٽر لائينن جي لڳائڻ ۽ مرمتي ڪمن سبب پهتل نقصانن تي تفصيلي غور ڪيو ويو۔ ميئر ڪراچي زور ڏنو ته مختلف کاتن جي وچ ۾ هم آهنگي جي کوٽ سبب شهرين کان انفراسٽرڪچر جي خرابي بابت ڪيترين ئي شڪايتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ هن چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ واضح ۽ جامع رهنمائي اصول تيار ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن سڀني ترقياتي منصوبن ۾ ڪارڪردگي، معيار ۽ ڊگهي مدي واري پائيداري کي يقيني بڻائي سگهجي۔ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب هدايت ڪئي ته هاڻي ڪو به ترقياتي منصوبو ڪي ايم سي ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي وچ ۾ اڳواٽ گڏيل منصوبابندي ۽ هم آهنگي کان سواءِ شروع نه ڪيو وڃي۔ هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سڀ جاري منصوبا، جن ۾ پهلوان ڳوٺ روڊ، طوري بنگش روڊ، سپارڪو روڊ، صهبا اختر روڊ، مهرالنسا روڊ، مشن روڊ ۽ ٻيون اهم ترقياتي اسڪيمون شامل آهن، ٻنهي ادارن جي گڏيل سهڪار سان مڪمل ڪيا وڃن اجلاس ۾ ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي ابرار جعفر، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر احمد علي صديقي، چيف آپريٽنگ آفيسر اسدالله خان، مالي صلاحڪار ڪي ايم سي گلزار ابڙو ۽ ٻنهي ادارن جا ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا۔ هي گڏيل قدم مربوط شهري منصوبابندي ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي ۽ شهر جي انتظاميا جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته ڪراچي جي شهرين کي معياري ۽ پائيدار انفراسٽرڪچر فراهم ڪيو وڃي۔
گل پلازا سانحي جي رپورٽ پبلڪ ڪريو:فاروق ستار
ڪراچي(رپورٽر )متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته گل پلازا سانحو ۾ سؤ کان وڌيڪ شهري حياتيون وڃائي ويٺا هئا ۽ سندن مطالبي تي جاچ ڪرائي وئي۔ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته خالد مقبول صديقي عدالتي جاچ لاءِ وزيراعظم کي خط لکيو، جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو۔ اڻڄاتل ماڻهن خلاف تڪڙ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته 4 فيبروري تي سانحي بابت جاچ ڪميشن قائم ڪيو ويو۔ ايم ڪيو ايم پاران جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواست پڻ ڏني وئي هئي۔ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جاچ ڪميشن ايم ڪيو ايم کي ٻڌڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته رپورٽ عوام آڏو پيش ٿيڻ گهرجي ها۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ باوجود عوام آڏو ظاهر نه ڪئي آهي۔