سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر ايندڙ هفتي تائين ملي ويندا: محمد اورنگزيب

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر ايندڙ هفتي تائين ملي ويندا.
واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته اڄ اسان جي سعودي ناڻي واري وزير سان تفصيلي گفتگو ٿي، هن واضح ٻڌايو ته 3 ارب جي سپورٽ واڌو ڊپارٽس جي صورت ۾ ڪئي ويندي.
هن چيو ته سعودي حڪومت طرفان اسان کي 3 ارب ڊالر ايندڙ هفتي تائين ملي ويندا، اسان گذريل هفتي 1.4 بلين ڊالر جون ادائيگيون ڪيون آهن، سموريون ادائيگيون واقت تي ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان سعودي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، سعودي ولي عهد ۽ سعودي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.