عوامي شاعر غفور شاهه تقوي جي علاج جو سوال

سامي ميمڻ

سنڌ ۾ عوامي شاعري هميشه پنهنجو هڪ الڳ مقام رکندي آئي آهي، جيڪا رومانويت، وطن دوستي ۽ انقلابيت سان ڀرپور هوندي آهي. اها شاعري نه رڳو عوام کي جاڳائڻ جو ڪم ڪندي آهي، پر مزاحمت ۽ جدوجهد کي سگهارو  بڻائيندي آهي.قومي عوامي رومانوي انقلابي شاعر سيد غفور شاھ تقوي  اهڙو ئي  سگهارو آواز  آهي جيڪو پنهنجي شاعري ذريعي هارين، پورهيتن ۽ سنڌي  عوام جي درد ۽ جدوجهد کي لفظن ۾ زندہ رکيو اچي. غفور شاهه تقوي جي شاعري هڪ اهڙي شعوري طاقت آهي، جيڪا جهر جهنگ ۾ باهه لڳائي ڇڏيندي  اهي وقت جون تيز ۽ لوڻاٽيل  هوائون سندس تخليق تي زنگ چاڙهين ٿيون پر سندس تيز ۽ اثرائتا لفظ ان اثر کي بي اثر ڪري ڇڏين ٿا

هو اڄ به ڪراچي جي روشنيءَ واري شهر ڪراچي جي پٺتي پيل  ملير ضلعي جي  علائقي رزاق آباد ۾ پنهنجي عوامي پيغام ذريعي سنڌي ماڻهن کي جاڳائڻ واري صدا ڏيندو نظر اچي ٿو جيتوڻيڪ بيماري کيس جسماني طور تي تمام گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر سندس دل، ذهن ۽ جذبا هميشه ڪارونجهر جبل جيان اڏول ۽ اوچا آهن سندس شاگرد، دوست ۽ پرستار سندس ذهني تخليق ۽ اتساهيندڙ  لفظن کي دل سان محسوس ڪن ٿا  سڀئي سندس صحتيابي ۽  ڊگهي عمر لاءِ دعاگو آهن، ڇو ته غفور شاهه زندگيءَ جا سٺ ڏهاڪا سخت جاکوڙ ، محنت ۽ اذيت ۾ گذاريا آهن، پر اڄ به هو پنهنجي وطن ۽ عوام لاءِ بيحد محنت ڪندو رهي ٿو هو سمنڊ ڪنارن کان وٺي ٻيٽن، ننڍن ڳوٺن ۽ وڏن شهرن ۾ پنهنجو پيغام پهچائيندو رهيو آهي مون کيس ويجهي کان لکندي، کلندي، روئندي، وڙهندي، ڏٺو آهي. اسان کيس سمجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته  فيض، حبيب جالب، ابراهيم منشي ۽ مجيدي جهڙا شعر نه چئو ٿورو قلم ٿڌو رکو، پر هن پنهنجي دل جي آواز کي رد نه ڪيو سندس شاعري هميشه عوام جي درد، محنت ۽ قرباني جي ترجمان۽ سماج جي ظالن لاءِ للڪار رهي آهي هن جا لکيل اڻ ڳڻيا شعر اڄ به پڙهندڙن ۽ شاگردن جي دلين ۾ زنده  آهن. هن جا ڇپيل ٻه ڪتاب  پڙهندڙن جي اکيون کولين ٿا، ۽ ٻيا ڪتاب تياري هيٺ آهن پر ھن فقير منش شاعر وٽ ڇپرائڻ لاءِ وسيلن جي کوٽ آهي، ۽ هو پنهنجي ڪم کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو  آهي. سيد غفور شاهه تقوي اسان جو قيمتي سرمايو آهي، پر هاڻي هو بيماري سبب بستري تي آهي. سنڌ سرڪار ۽ ثقافتي کاتو جي بي حسي جو شڪار آهي.  سندس پرستار به  مالي طور محدود آهن. سندس اولاد مزدور آهي، پر اسان سڀ سندس زندگي جا خواهشمند آهيون ۽ سندس صحت لاءِ فڪر مند آهيون. غفور شاهه تقوي صرف هڪ شاعر نه، پر ڌرتي، پورهيت ۽ پورهيت عوام جو آواز آهي. سندس زندگي ۽ شاعري ٻڌائي ٿي ته لفظن جي طاقت سان سماج ۾ شعور، مزاحمت ۽ محبت جا سبق ڏيئي سگهجن ٿا سندس شاگردن ۽ دوستن لاءِ هو اڃا به روشن ڏيئي  وانگر آهي سنڌي عوام کي پنهنجي مٽي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي حقن سان محبت جو پيغام ڏئي ٿو سندس قلم، آواز ۽ شاعري هميشه سنڌ جي عوام جي دلين ۾ زنده رهندي جيئن جيئن وقت گذرندو، سندس لفظن جو اثر وڌيڪ مضبوط ٿيندو، ۽ اها آواز هميشه ڌرتي ۽ پورهيتن جي محبت جي علامت رهندو،

اسان هڪ ڀيرو وري به سنڌ سرڪار، ثقافت کاتي ۽ سرندي وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي هن سريلي شاعر سيد  غفور شاه تقوي جو علاج ڪرايو سندس حياتي  بچايو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.