واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي دلچسپ شخصيت ۽ پنهنجن فيصلن جي ذميواري ٻين تي وجھڻ جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ۽ هاڻي لڳي ٿو ته سندس نائب صدر جي ڊي وينس سندس ايندڙ نشاني بڻجي سگهي ٿو۔جي ڊي وينس جو اسلام آباد ۾ ايران سان ڳالهين دوران پنهنجا مطالبا نه مڃرائڻ، هڪ ئي سال اندر سندس ٻي وڏي ناڪامي آهي۔ ان کان اڳ هو هنگري ويو هو، جتي سندس مشن ٽرمپ جي حمايت يافته 16 سالن کان وزيراعظم رهندڙ وڪٽر اوربان کي ٻيهر اقتدار ۾ آڻڻ هو، پر وڪٽر اوربان چونڊون هارائي ويٺو۔ڪجهه وقت اڳ وائٽ هائوس ۾ هڪ بريفنگ دوران ٽرمپ مذاق ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ايران سان معاهدو ٿي ويو ته سڄو ڪريڊٽ هو پاڻ وٺندو، پر جيڪڏهن معاهدو نه ٿيو ته ذميواري جي ڊي وينس تي وجهندو،هاڻي جڏهن جي ڊي وينس اسلام آباد ۾ ٿيندڙ 21 ڪلاڪن جي ڊگهن ڳالهين مان خالي هٿ واپس موٽيو آهي، ته اهو سوال اڀري رهيو آهي ته ڇا ٽرمپ پاڻ کي بچائڻ لاءِ هن ناڪامي جو ذميوار پنهنجي نائب کي بڻائيندو؟جي ڊي وينس لاءِ ايران کي ڳالهين جي ميز تي جهڪائڻ شروع کان ئي ڏکيو ڪم هو۔ٽرمپ ڪنهن تجربيڪار سفارتڪار بدران وينس کي ان ڪري چونڊيو، ڇاڪاڻ ته هو انتظاميا ۾ ايران سان جنگ جا سڀ کان وڏا مخالف سمجهيا ويندا هئا۔ٻئي پاسي ايران ۾ هاڻي مجتبيٰ خامنه اي جي قيادت هيٺ اهڙي حڪومت آهي، جيڪا ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت موقف رکي ٿي۔ايران جي قيادت ڪا جلدي ۾ ناهي ۽ پنهنجي شرطن تي قائم آهي، جن ۾ آبنائي هرمز تي ٽيڪس وٺڻ جو حق ۽ ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ کان سواءِ پابنديون ختم ڪرائڻ شامل آهن۔جڏهن وينس ايٽمي پروگرام ڇڏڻ جي تجويز ڏني ته ايراني وفد ان کي فوري طور رد ڪري ڇڏيو۔هن سڄي صورتحال ۾ دلچسپ ڳالهه ٽرمپ جو بدلجندڙ رويو آهي۔ ڪڏهن هو ايران جي ڏهن نڪتن واري تجويز مڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ڪڏهن اوچتو آبنائي هرمز جي ناڪابندي جو اعلان ڪري ڇڏي ٿو۔جڏهن وينس اسلام آباد ۾ تهران کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، تڏهن ئي ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته معاهدو ٿئي يا نه ٿئي، کيس ڪو فرق نٿو پوي، ڇاڪاڻ ته هو ته جنگ کٽي چڪا آهن۔وائيٽ هائوس جي هڪ اهلڪار آمريڪي خبرن واري اداري کي ٻڌايو ته جي ڊي وينس جو اثر رسوخ وائٽ هائوس ۾ گهٽجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪيترن معاملن تي صدر سان اختلاف ڪري چڪو آهي۔جتي مارڪو روبيو جهڙا وزير ٽرمپ جي هر فيصلي جي حمايت ڪن ٿا، اتي وينس پنهنجي آزاد خيالن سبب الڳ نظر اچي ٿو۔آمريڪي ميڊيا موجب جي ڊي وينس کي وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي گرفتاري واري رٿابندي کان به پري رکيو ويو هو