آبناءِ هرمز جي ناڪابندي جو اعلان، ايران جو سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏينداسين:ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي بحريا فوري طور آبناءِ هرمز جي ناڪابندي شروع ڪري ۽ ايران کي ٽول ادا ڪندڙ جهازن کي به روڪيو وڃي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي  سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون بنا معاهدي ختم ٿي ويون، توڙي جو گهڻن نڪتن تي اتفاق ٿي ويو هو پر ايران جي جوهري پروگرام تي اختلاف برقرار رهيو.هن چيو ته آمريڪي سامونڊي فوج جيڪا دنيا جي بهترين سامونڊي فوج آهي، فوري طور تي آبناءِ هرمز جي ناڪابندي ۽ اتان داخل ٿيندڙ يا نڪرندڙ سڀني جهازن جي ناڪابندي جو عمل شروع ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته بحريا عالمي پاڻين ۾ هر ان جهاز کي روڪي، جنهن ايران کي ٽول ادا ڪيو هجي، جيڪو به غير قانوني ٽول ادا ڪندو، ان کي کليل سمنڊ ۾ محفوظ رستو نه ملندو. ٽرمپ چيو ته ناڪابندي کانپوءِ ڪنهن به وقت اسان آبناءِ هرمز مان سڀني جهازن کي اچ وڃ جي اجازت ڏيڻ جي بنياد تي پهچي وينداسين.هن چيو ته ايران ائين نه ٿيڻ ڏنو ۽ چيو ته اتي بارودي سرنگهون آهن، جنهن بابت ايران کانسواءِ ڪنهن کي ڄاڻ ناهي، اها عالمي ڀتي خوري آهي ۽ ٻيا ملڪ، خاص طور آمريڪا ڪڏهن ڀتو نه ڏيندو. آمريڪي صدر چيو ته آبناءِ هرمز ۾ ايران جي وڇايل سرنگهن کي به تباهه ڪرڻ شروع ڪنداسين، اسان تي يا جهازن تي حملو ڪندڙ ايرانين کي ماري ڇڏينداسين. هن چيو ته ايران جي بحريا ۽ فضائيا ختم ٿي چڪي آهي، جهاز روڪيندڙ نظام ۽ ريڊار ناڪارا ٿي ويا، خامنه اي سيمت ٻيا اڳواڻ دنيا ۾ ناهن رهيا، اهو سڀ ڪجهه ايران جي جوهري خواهش سبب ٿيو. ٽرمپ چيو ته ٻيا ملڪ به ان ناڪابندي ۾ شامل هوندا، اسان مڪمل طور تيار ۽ هٿيارن سان ليس آهيون، مناسب وقت تي اسان جي فوج ايران ۾ جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو ختم ڪري ڇڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.