اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايران ۽ آمريڪا ۾ معاهدو ٿيڻ کان سواءِ ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن، جنگ بندي جاري رکڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين کان پوءِ بريفنگ ڏيندي اسحاق ڊار ايران ۽ آمريڪا جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وزيراعظم شهباز شريف جي خطي ۾ فوري جنگ بندي جي اپيل تي هاڪاري جواب ڏنو. مان ايران ۽ آمريڪا جو اسلام آباد ۾ امن ڳالهين جي دعوت قبول ڪرڻ تي تمام گهڻو شڪرگذار آهيان. هن چيو ته مون، فيلڊ مارشل عاصم منير سان گڏ، ڌرين جي وچ ۾ ڪيترن ئي دورن تي مشتمل سنجيده ۽ مفيد ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون گذريل 24 ڪلاڪن تائين جاري رهيون ۽ اڄ صبح ختم ٿيون. هن چيو ته ٻئي ڌريون پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ساراهين ٿيون ۽ انهن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿيون، اميد آهي ته ٻئي ملڪ هاڪاري رويو برقرار رکندا ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي لاءِ اڳتي وڌندا. نائب وزيراعظم چيو ته اهو ڏاڍو ضروري آهي ته سڀئي ڌريون پنهنجي جنگ بندي جي عزم تي قائم رهن. پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهين کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ڪندو رهندو.