اسلام آباد(عمران شفقت)آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڳالهين جو پهريون دور بنا نتيجي ختم ٿي ويو، جڏهن ته اهم پيش رفت طور جنگبندي (سيزفائر) برقرار رکڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس پنهنجي وفد سان گڏ پاڪستان مان واپس روانو ٿي ويو، جڏهن ته ايراني وفد، جنهن جي قيادت باقر ڪاليباف ڪري رهيا هئا، پڻ پنهنجي ملڪ موٽي ويو.آمريڪي نائب صدر پنهنجي پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ڳالهين جي ميزباني ۾ انتهائي اهم ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن کي ساراهيو ويو ،ايران ۽ آمريڪا کي ڳالهين لاءِ ويهارڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار فيصلائتو رهيو ڳالهين جو نتيجو بظاهر بنا نتيجي رهيو، پر آمريڪا پنهنجي “آخري آفر” ايران کي ڏئي چڪو آهي آمريڪي عملدارن مطابق ايران هن وقت تائين اها آفر قبول ناهي ڪئي، پر ڳالهين جو عمل مڪمل طور ختم نه ٿيو آهي.رپورٽ موجب سڀ کان وڏي ڪاميابي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سڌي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڊپلوميٽڪ رابطن جي بحالي مستقبل لاءِ رابطا قائم ٿيڻ آهي، جڏهن ته ناڪامي جا سبب. آبناءِ هرمزٽيڪس ۽ ڪنٽرول بابت اختلاف آهي، ايران جو موقف آهي ته پاڻي ۽ رستا ايران جي خودمختياري هيٺ آهن،آمريڪا چاهي ٿو ته ايران يورينيم افزودگي مڪمل طور بند ڪري ايران جو موقف هو ته سول ايٽمي پروگرام جاري رهندو ٽيونايران پنهنجا منجمد اثاثا بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آمريڪا ان تي مڪمل رضامند نه ٿيو رپورٽ موجب اسرائيل هن صورتحال مان خوش نظر اچي ٿو خطي ۾ ڪجهه ٻيا ملڪ به محتاط ردعمل ڏئي رهيا آهن پاڪستان جي ڪردار کي ٻنهي ڌرين ساراهيو آهي اسلام آباد کي هڪ اهم سفارتي مرڪز طور استعمال ڪيو ويو ٻنهي ملڪن جي وفدن جي ميزباني ڪئي وئي سيڪيورٽي ۽ رابطن ۾ مڪمل مدد فراهم ڪئي وئي ماهرن مطابق جيڪڏهن مستقبل ۾ به ڳالهين جو نئون دور ٿيو ته ان جي ميزباني به پاڪستان ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن.تجزين موجب جنگبندي في الحال برقرار رهندي ،مڪمل امن اڃا به يقيني ناهي، بيڪ ڊور ڊپلوميسي” جاري رهڻ جا امڪان آهن نيون ڳالهيون يا ملاقاتون ٻيهر ٿي سگهن ٿيون اسلام آباد ۾ ٿيل ايران–آمريڪا ڳالهيون مڪمل طور ڪامياب نه ٿيون، پر انهن کي مڪمل ناڪامي به قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇو ته جنگبندي برقرار آهي سڌي ڳالهه ٻولهه جو رستو کليو آهي مستقبل ۾ نوان سفارتي موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا