غذائيت جي ماهرن انڪشآف ڪيو آهي ته روزانو مقرر وقتن تي کاڌو کائڻ جي عادت انساني جسم جي قدرتي نظام کي بهتر بڻائي سگهي ٿي، جنهن سان بک، توانائي ۽ هاضمي تي هاڪاري اثر پون ٿا.
تحقيق موجب انساني جسم هڪ قدرتي حياتياتي گهڙي تحت ڪم ڪري ٿو، جيڪا ننڊ، بک، هاضمي ۽ توانائي جي استعمال کي ڪنٽرول ڪري ٿي.
جڏهن کاڌي جا وقت روزانو بدلجندا رهن ٿا ته جسم کي هر هر پاڻ کي ترتيب ڏيڻو پوي ٿو، جنهن سان توانائي ۽ بک جي نظام ۾ بي ترتيبي پيدا ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن کاڌو روزانو لڳ ڀڳ ساڳئي وقت تي کائجي ته جسم ان معمول جو عادي ٿي وڃي ٿو ۽ خوراڪ کي بهتر نموني استعمال ڪرڻ لڳي ٿو.
طبي ماهرن موجب هڪ ئي مقرر وقت تي روزانو کاڌو کائڻ سان پهرين ڪجهه هفتن ۾ بک جو نظام متوازن ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو، مقرر وقتن تي بک لڳي ٿي ۽ غير ضروري کاڌو پيتو گهٽجي وڃي ٿو.
ان دوران بک ۽ سڪون سان لاڳاپيل هارمون هڪ نئين رڌم ۾ اچي وڃن ٿا.
تقريبن هڪ مهيني تائين مستقل وقتن تي کاڌو کائڻ سان توانائي جي سطح وڌيڪ مستحڪم ٿي وڃي ٿي، بلڊ شوگر ۾ اوچتو لاها چاڙها گهٽ ٿين ٿا، جڏهن ته هاضمو بهتر نموني ڪم ڪرڻ لڳي ٿو، ڪجهه ماڻهن ۾ پيٽ ڦوڪجڻ جو مسئلو گهٽجي ٿو ۽ سڄو ڏينهن چستي محسوس ٿيندي آهي.
ماهرن موجب 90 ڏينهن کان پوءِ اها عادت فطري لڳڻ شروع ٿي وڃي ٿي، بک بهتر نموني ڪنٽرول ٿئي ٿي، رات دير تائين کاڌو کائڻ جي خواهش گهٽجي وڃي ٿي، ننڊ جي معيار ۾ بهتري اچي ٿي ۽ جسم واڌو توانائي کي چرٻي جي صورت ۾ گڏ ڪرڻ جي رفتار گهٽائي سگهي ٿو.
تحقيق ٻڌائي ٿي ته ڏينهن جي وقت جسم خوراڪ کي توانائي ۾ وڌيڪ اثرائتي نموني سان تبديل ڪري ٿو، جڏهن ته رات جو جسم آرام جي خواهش ڪندو آهي، ان ڪري باقاعدي نيرن، مقرر وقت تي منجهند جو کاڌو ۽ رات جي ماني ساجهر کائڻ جسماني نظام لاءِ فائديمند سمجهيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو لڳاتار 90 ڏينهن تائين هڪ ئي وقت تي کاڌو کائڻ جي عادت اختيار ڪري ته جسم هڪ منظم نظام اختيار ڪري وٺندو آهي، جنهن سان هاضمي، توانائي ۽ بک جي نظام ۾ واضح بهتري اچي ٿي.
You might also like