نتيجن جي پرواهه ناهي، غلطين مان سکي رهيا آهيون، باقي الله مالڪ آهي: صائم ايوب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز حيدرآباد ڪنگز مين جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان آل رائونڊر صائم ايوب چيو آهي ته ٽيم جو ماحول هاڪاري آهي ۽ رانديگر نتيجن بدران پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته خراب شروعات جي باوجود ڊريسنگ روم جو ماحول ڏاڍو سٺو آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي، اسان هن وقت رزلٽ بابت ناهيون سوچي رهيا، اسان اهو سوچي رهيا آهيون ته اسان پنهنجو ڪم ڪيئن بهتر ڪري سگهون ٿا.
هن قبول ڪيو ته شروعاتي ميچن ۾ ٽيم کان غلطيون ٿيون پر رانديگر غلطين کي ختم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن.
ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته گذريل 2 ميچون جنهن طريقي سان اسان هارايون، ائين ٿيندو آهي، رانديگرن کان غلطيون ٿينديون آهن، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هر ميچ ۾ جيڪي غلطيون ٿي رهيون آهن، انهن کي گهٽ ڪريون ۽ بهتري آڻيون.
هن ٽورنامينٽ جي غير يقيني صورتحال جو حوالو ڏيندي چيو ته لاها چاڙها هر ٽيم سان ٿيندا آهن، گذريل سال اسلام آباد پهريون پنج ئي ميچون کٽيون ۽ آخري 5 هارايون، جڏهن ته لاهور کي آخري ميچ تائين خبر نه هئي ته هو ڪواليفاءِ ڪندي يا نه پر هو ٽورنامينٽ کٽي ويا.
صائم ايوب واضح ڪيو ته ٽيم پنهنجي حڪمت عملي تي قائم آهي ۽ نتيجن بدران عمل تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان کي نتيجن جي گهڻي ڳڻتي ناهي، اسان کي يقين آهي، باقي سڀ الله جي هٿ ۾ آهي.
ڪواليفڪيشن جي امڪانن بابت سوال تي صائم ايوب جو چوڻ هو ته سندس ٽيم ٻين ٽيمن جي نتيجن تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، 6 ميچون باقي آهن، اسان سموريون ميچون به کٽي سگهون ٿا، ڪجهه به ناممڪن ناهي.
فارم بابت سوال تي هن چيو ته هو فارم ۽ آئوٽ آف فارم جي تصور تي گهڻو يقين نٿو رکي، ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته پليئر سٺو ناهي کيڏندو پر رنسون ٺهي وينديون آهن ۽ ڪڏهن سٺو کيڏي رهيو هوندو آهي پر رنسون ناهن ٺهنديون، پر مان پنهنجي بيٽنگ تي ڌيان ڏئي رهيو آهيان، جيڪڏهن مان ناڪام به ٿي رهيو آهيان ته پنهنجي مرضي موجب کيڏندي ناڪام ٿي رهيو آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.