صفا مس يونيورس جهڙي ٿي لڳي! نواز الدين صديقي جي ڌيءُ جي سونهن جا چرچا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي جي ڌيءُ شوريٰ جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن کيس اڳوڻي مس يونيورس هرناز سنڌو جو ٻيو روپ قرار ڏئي ڇڏيو.
اداڪار جي ڌيءُ عام طور تي سوشل ميڊيا کان پري رهندي آهي پر تازو ئي هن هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي سندس خوبصورتيءَ سڀني کي موهي وڌو.
شوريٰ کي ڏسي ماڻهن کي اڳوڻي مس يونيورس هرناز سنڌو جي ياد اچي وئي، جنهن 2021 ۾ 21 سالن کانپوءِ ڀارت لاءِ مس يونيورس جو ٽائيٽل کٽيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.