اڪشي ڪمار فلم جي شوٽنگ دوران زخمي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار اڪشي ڪمار پنهنجي نئين هارر ڪاميڊي فلم ”ڀوت بنگلا“ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي ۽ مداحن ۾ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي.
فلم جي پروڊڪشن ٽيم طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪار هڪ خطرناڪ ايڪشن سين جي شوٽنگ دوران اسٽنٽ ڪندي زخمي ٿي پيو، پر اها ڳالهه واضح ناهي ٿي سگهي ته هي واقعو ڪڏهن پيش آيو.
واضح رهي ته اڪشي ڪمار گهڻي ڀاڱي پنهنجي فلمن ۾ پاڻ اسٽنٽس ڪندو آهي،مارشل آرٽس ۾ مهارت رکندڙ اداڪار ويجهڙائي ۾ هڪ انٽرويو ۾ جديد فلم سازي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو ته هو ايڪشن سينز ۾ وي ايف ايڪس ۽ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ ) جي وڌندڙ استعمال مان مطمئن ناهي. اداڪار موجب، ماضيءَ ۾ ايڪشن وڌيڪ حقيقي لڳندو هو، جڏهن ته هاڻي کوڙ منظر ڪمپيوٽر ذريعي تخليق ڪيا ويندا آهن، جنهن سان حقيقت وارو عنصر گهٽجي ويندو آهي.
ياد رهي ته فلم ”ڀوت بنگلا“ جي هدايتڪاري ناميارو هدايتڪار پريادرشن ڪري رهيو آهي ۽ جوڙي اٽڪل 15 ورهين کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ ڪم ڪري رهي آهي.
ان کان اڳ ٻنهي ” هيرا ڦيري“، ”گرم مسالا“، ”ڀول ڀليان“، ”ڀاگم ڀاگ“ ۽ ”کٽا ميٺا“ جهڙين بلاڪ بسٽر فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو آهي، جيڪي اڄ به مداحن طرفان تمام گهڻيون پسند ڪيون وڃن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.