وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ پرڏيهي وزير کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو وڃي: پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ جي چيف وهپ راڻا محمد ارشد هڪ ٺهراءُ جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ٺهراءَ جي متن موجب ايوان انهن اڳواڻن جي اثرائتي سفارتڪاري کي ساراهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ملي.
متن ۾ چيو ويو آهي ته تازي ڇڪتاڻ، جيڪا سرائيل، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هئي، عالمي امن لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي هئي ۽ ڪنهن به وقت وڏي عالمي بحران جو روپ اختيار ڪري پئي سگهي، وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ پرڏيهي وزير جنگبندي ۽ تڪرار گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايوان گڏيل طور مطالبو ڪري ٿو ته اهي ٽئي اڳواڻ نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي سفارتي ڪوششن کي عالمي سطح تي تسليم ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.