اسلام آباد(بيورو)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون هڪ اهم مرحلي تي پهتيون هيون، پر ان ڪاميابي کي ڏسي اسرائيل وڏو حملو ڪري ڇڏيو.سينيٽ پاڪستان جي اجلاس ۾ ايوان کي اعتماد ۾ وٺندي هن چيو ته 29 مارچ تيپاڪستان ۾ چار ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ٿي. هن وڌيڪ چيو ته چين جي پرڏيهي وزير سان به لاڳيتو رابطو رهيو ۽ انهن جي دعوت تي هو بيجنگ به ويو.اسحاق ڊار ٻڌايو ته چين ۽ پاڪستان پنج نقطن تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته آمريڪا 15 نقطا ۽ ايران 5 نقطا پيش ڪيا، جيڪي ٻنهي ڌرين تائين پهچايا ويا.هن انڪشاف ڪيو ته ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ هڪ خطرناڪ موڙ آيو. هن چيو ته جڏهن اسرائيل ڏٺو ته ٻنهي ڌرين کي هڪ ميز تي ويهارڻ ممڪن ٿي رهيو آهي ته رات جو ايران تي حملو ڪيو، جنهن کان پوءِ ايران سعودي عرب ۾ وڏو حملو ڪيو.اسحاق ڊار چيو ته جڏهن ايران تي حملو ٿيو ته هو مدينه منوره ۾ موجود هو، ۽ پاڪستان اسلامي ملڪن مان واحد ملڪ هو جنهن ايران تي حملي جي مذمت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پوءِ هن ايراني پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.