وزيراعظم پاران ٽرمپ کي ڊيڊلائن ٻه هفتا وڌائڻ جي درخواست

واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي جنهن کانپوءِ هو پنهنجي ڏنل ڊيڊلائن کي وڌائي به سگهي ٿو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اڄ رات 8 وڳي جي ڊيڊلائن تائين معاهدو طئي نه ٿيو ته ايران تي اهڙو سخت حملو ڪيو ويندو جيڪو هنن تاريخ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو هوندو. آمريڪي نيوز چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايران معاملي تي مڪمل منصوبابندي ڪئي وئي آهي، پر جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي ته صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف، وائيٽ هائوس ايران خلاف ايٽمي هٿيارن جي استعمال بابت افواهن جي سخت ترديد ڪئي آهي. برطانوي ميڊيا موجب، آمريڪي انتظاميا واضح ڪيو آهي ته ايران خلاف ايٽمي هٿيارن جي استعمال تي ڪو به غور نه پيو ڪيو وڃي. ان دوران، صدر ٽرمپ جي ڌمڪين جو ردعمل ظاهر ڪندي ايران آمريڪا سان سمورا رابطا ٽوڙي ڇڏيا آهن. ايراني اختيارين جنگ بندي لاءِ ٿيندڙ ڳالهين کي روڪيندي معاهدي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ايران پاران هن فيصلي بابت پاڪستاني حڪومت کي به باضابطا طور آگاهه ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ خطي ۾ جنگ وڌڻ جا خطرا آهن.  ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف پنهنجي بيانن ۾ وڌيڪ سختي آڻيندي چيو ته اڄ رات هڪ پوري تهذيب ختم ٿي سگهي ٿي. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”سوشل ٽروٿ“ تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر ٽرمپ چيو ته هو ائين ٿيندي ڏسڻ نه ٿو چاهي، پر اهو ممڪن آهي ته اڄ رات هڪ پوري تهذيب ميسارجي وڃي جيڪا ٻيهر ڪڏهن به واپس نه ايندي.  صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران ۾ هاڻي مڪمل نظام جي تبديلي ٿي چڪي آهي ۽ اميد آهي ته هاڻي وڌيڪ سمجهدار ۽ گهٽ شدت پسند سوچ رکندڙ قيادت سامهون ايندي. هن اڄوڪي رات کي دنيا جي ڊگهي ۽ پيچيده تاريخ جو اهم ترين موڙ قرار ڏيندي چيو ته شايد ڪا وڏي انقلابي ۽ هاڪاري تبديلي سامهون اچي سگهي، پر ان جو حتمي فيصلو اڄ رات ٿي ويندو. آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ايران ۾ گذريل 47 سالن کان جاري استحصال، ڪرپشن ۽ قتل عام جو سلسلو هاڻي ختم ٿيڻ وارو آهي. هن پنهنجي پيغام جي آخر ۾ ايراني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.  ياد رهي ته صدر ٽرمپ اڳ ئي ايران کي چتاءُ ڏئي چڪو آهي ته جيڪڏهن آبنائي هرمز کي نه کوليو ويو ته اڱاري جي شام کان ايران جي اهم انفراسٽرڪچر، خاص طور تي بجلي گهرن ۽ پلين تي حملا ڪيا ويندا.  ٻئي طرف، آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ضرور ٿي آهي، پر آمريڪي ۽ اسرائيلي اهلڪارن جو خيال آهي ته 8 وڳي جي ڊيڊلائن تائين باقاعده جنگ بندي معاهدو ٿيڻ مشڪل نظر اچي ٿو. ذريعن موجب، صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري آهي ۽ سڄي دنيا جون نظرون اڄ رات جي ڊيڊلائن تي لڳل آهن.  واشنگٽن مان صحافي ادريس علي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صدر ٽرمپ حملن جي منظوري ڏني ته اها تباهي ٻي عالمي جنگ کان به وڏي هوندي. پينٽاگون ۽ سي آءِ اي ذريعن موجب، آمريڪي فوج اڄ رات 8 وڳي کان ايران جي توانائي مرڪزن ۽ پلين کي نشانو بڻائڻ لاءِ مڪمل تيار آهي ٻئي پاسي وزيراعظم شهبازشريف صدر ٽرمپ کي ڊيڊلائن ۾ ٻن هفتن جي واڌ جي اپيل ڪئي آهي ۽ ايران کي خيرسگالي طور آبناءِ هرمز کولڻ  جي درخواست ڪئي آهي جيئن سفارتڪاري جو رستو کلي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.