نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي هندو انتها پسند وڏي وزير يوگي آدتيه ناٿ مسلمانن خلاف زهر اوڳاڇيندي چيو آهي ته سندس حڪومت رياست مان مسلمانن کي ڪڍي ڇڏيندي.
آسام ۾ خطاب ڪندي يوگي آدتيه ناٿ چيو ته بي جي پي آسام کي مسلم دراندازن کان پاڪ ڪري سگهي ٿي ۽ هر مسلمان جي نشاندهي ڪري ڪڍيو ويندو.
يو پي جي وڏي وزير چيو ته هاڻي اتر پرديش ۾ ڪو به روڊن تي نماز نٿو پڙهي سگهي ۽ نه ئي ڪنهن عبادتگاهه مان بلند آواز جي اجازت هوندي.
You might also like