ننڍي وهيءَ ۾ فحش ويب سائيٽ تي پنهنجون جعلي تصويرون ڏسي صدمي ۾ هلي وئي هيس: جهانوي ڪپور

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته هن ننڍي عمر ۾ پنهنجون جعلي تصويرون هڪ فحش ويب سائيٽ تي ڏٺيون جنهن کيس سخت ذهني صدمي ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي جهانوي ڪپور ٻڌايو ته ”اهو واقعو منهنجي اسڪول جي ڏينهن ۾ پيش آيو جڏهن مون آءِ ٽي ڪلاس دوران پنهنجون تصويرون اهڙين ويب سائيٽن تي ڏٺيون، اهو مڪمل طور ڊيپ فيڪ جهڙو مواد هو جنهن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه هو، ان تجربي مون کي ننڍي وهيئي شهرت جي ناڪاري رخن جو احساس ڏياريو.“
هن سوال اُٿاريو ته ڇا عوامي شخصيت هئڻ جي قيمت اها آهي ته اهڙو غير اخلاقي مواد برداشت ڪيو وڃي؟
جهانوي ڪپور سوشل ميڊيا تي پکڙجندڙ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي(اَي آءِ) ذريعي تيار ڪيل جعلي مواد تي به ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته سندس اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز به گردش ۾ آهن جيڪي مڪمل طور مصنوعي آهن پر انهن کي حقيقتي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڏا خابرو به اِهي شيئر ڪري ڇڏيندا آهن.
هن چيو ته ان صورتحال سبب پروفيشنل مسئلا به پيدا ٿي سگهن ٿا ڇو ته مستقبل ۾ هدايتڪار اهڙي جعلي مواد کي بنياد بڻائي اسان تي دٻاءُ وجهي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.