جنگ بندي جا گهٽ امڪان،نار ۾ پاڻي جا پلانٽ خطري ۾؟

لاهور( مزمل سهروردي )دفاعي تجزئي نگار خالد چشتي چيو آهي ته آمريڪا پنهنجي ٻن پائلٽن کي زندهه ريسڪيو ڪري واپس وٺي ويو آهي. ايران وٽ جيڪو ايئر ڊيفنس سسٽم هاڻي نظر اچي رهيو آهي اهو شايد جنگ جي پهرين پندرهن، ويهن يا پنجويهن ڏينهن ۾ نظر نه پئي آيو. اهو لڳ ڀڳ 600 ڪلوميٽر جي فاصلي کان تقريباً 200 ٽارگيٽس کي ٽريڪ ڪري سگهي ٿو ۽ لڳ ڀڳ 35 ٽارگيٽس کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اهو IR ميزائلز تي به ڪم ڪري رهيو آهي. شايد ان کي موڊيفاءِ ڪيو ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هاڻي ڪو به جهاز بچي نه ٿو سگهي جيڪو ٽارگيٽ نه ٿئي،هن چيو ته 48ڪلاڪن جي الٽي ميٽم جي حوالي سان، جيڪڏهن 48 ڪلاڪن کان پوءِ صورتحال ڏسجي ته سمورا پاور پلانٽس تباهه ٿي سگهن ٿا. هي صورتحال هڪ “گيم چينجر” ٿي سگهي ٿي،هن چيو ته آبناءِ هرمز  ۾ لڳ ڀڳ 2000 جهاز موجود آهن ۽ آمريڪا انهن کي اسڪورٽنگ ڪري رهيو آهي، پر ان جي باوجود به مڪمل ڪنٽرول نظر نٿو اچي. دنيا جي سڀ کان وڏي نيوي به مڪمل طور تي پنهنجو ڪم نٿي ڪري سگهي،هن چيوته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ جنگ بندي جو امڪان نظر نٿو اچي.ايران شايد ڊرونز ۽ ميزائلز کي گڏ استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن سان ٽارگيٽنگ وڌيڪ اثرائتي ٿي رهي آهي.ريسڪيو آپريشن دوران هڪ بليڪ هاڪ هيليڪاپٽر کي نقصان پهتو. زمين تان فائرنگ ڪئي وئي، پر ڪهڙو هٿيار استعمال ٿيو اهو واضح ناهي.آمريڪا لاءِ هي صورتحال شرمساري واري آهي، ڇو ته انهن جا ڪيترائي جهاز مختلف ماڊلز جا متاثر ٿيا آهن.هن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي دعوائن مطابق ڪجهه انفراسٽرڪچر تباهه ڪيا ويا آهن، پر جنيوا ڪنوينشن مطابق سول انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ غلط آهي. جيڪڏهن ايران پاور پلانٽس يا واٽر ڊي سيلينيشن پلانٽس کي نشانو بڻائي ٿو ته ان جا اثر سڄي نار جي  علائقي تي پئجي سگهن ٿا، ڇو ته انهن ملڪن جو پاڻي ۽ بجلي گهڻو ڪري انهن سسٽمز تي دارومدار رکي ٿو،هن چيو ته سعودي عرب، قطر، يو اي اي ۽ ڪويت ۾ پاڻي جي فراهمي گهڻو ڪري سمنڊ مان صاف ڪري حاصل ڪئي وڃي ٿي.جيڪڏهن ايران انهن سسٽمن کي نشانو بڻائي ٿو ته علائقي ۾ وڏي انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو،هن چيو ته آمريڪا شايد توانائي انفراسٽرڪچر کي تباهه نه ڪري، ڇو ته ان سان عالمي تيل جون قيمتون وڌنديون ۽ ان جو اثر خود آمريڪا ۽ يورپ تي پوندو،هن چيو ته ايران جي جبلن تي علائقن ۾ ڪيترائي ٽنل ۽ لڪڻ جا هنڌ موجود آهن، جنهن سبب زميني حملا مشڪل بڻجن ٿا.عراق تي حملو آسان هو ڇو ته اهو ريگستاني علائقو هو، پر ايران جي جغرافيه تمام مختلف آهي. خارگ آئلينڊ تي قبضو ڪرڻ لاءِ زميني ۽ فضائي ٻنهي ڪنٽرول جي ضرورت پوندي.جيڪڏهن 10,000 فوجي لاٿا وڃن ته به ايران جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو.ايران جا ڊرون ۽ ميزائل سسٽم آمريڪي فوج لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 06 اپريل  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.