ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن بس مالڪ ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ باوجود پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ سبسڊي پيڪيج ڏنو پيو وڃي ته جيئن عوام تي بار نه پوي.
مراد علي شاهه چيو ته ٽرانسپورٽرز حڪومت جي اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ٿي ويا آهن ۽ 28 فيبروري کان اڳ وارا ڀاڙا برقرار رهندا.
هن چيو ته حڪومت ٽرانسپورٽرز جي واڌو خرچ کي برداشت ڪندي ته جيئن عوام کي رليف ملي، هر رجسٽرڊ بس کي هڪ لک رپيا سبسڊي ڏني ويندي جڏهن ته مال بردار گاڏين لاءِ به سبسڊي جاري آهي.
وڏي وزير چيو ته تعليمي ادارن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته وينن جا ڀاڙا نه وڌايا وڃن، واڌو خرچ حڪومت برداشت ڪندي.
مراد علي شاهه چيو ته ايران جنگ جا خطرناڪ اثر سامهون اچي چڪا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي فراهمي برقرار رکڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي.