اسلام آباد(علي مصطفيٰ)ڇا گڏيل عرب امارات پاڪستان کان پنهنجو 2 ارب ڊالر وارو قرض واپس گهري ورتو آهي، يا اصل ۾ 3 ارب ڊالر واپس گهريا ويا آهن؟ ۽ ڇا سعودي عرب به هاڻي پاڪستان کان پنهنجا پئسا واپس وٺڻ جي تياري ڪري رهيو آهي؟ اهي خبرون به آيون ته پاڪستان جا اعليٰ فوجي عملدار، جيڪي صدر ٽرمپ جا به ويجها سمجهيا وڃن ٿا، گڏيل عرب امارات ويا، پر انهن جون به ڪوششون ناڪام رهيون ۽ هاڻي يو اي اي پنهنجا پئسا واپس گهري ورتا آهن۔اهي پئسا جيڪي امارات پاڪستان کي ڏنا هئا، ڪيترن سالن کان رول اوور ٿيندا رهيا ته جيئن پاڪستان جو به گذارو ٿئي ۽ ٻنهي ملڪن جي دوستي برقرار رهي۔ پر هاڻي هن ماحول ۾ امارات محسوس ڪيو ته پاڪستان نه سندن ڪم جو آهي ۽ نه انهن کي پاڪستان کان ڪا خاص ضرورت آهي، تنهنڪري ناراضگي ظاهر ڪئي وئي آهي۔اهو به چيو پيو وڃي ته گڏيل عرب امارات کي سعودي عرب سان لاڳاپيل پاليسين تي به ناراضگي آهي، خاص طور تي ايران ۽ اسرائيل جي تڪرار دوران پاڪستان جي موقف جي ڪري امارات کي لڳو ته پاڪستان جو آواز وڌيڪ سعودي عرب جي حق ۾ اٿيو، جڏهن ته گڏيل عرب امارات کي به توقع هئي ته ان جي حمايت ڪئي وڃي،امارات طرفان اهو به چيو ويو ته پاڪستان وٽ سندن ملڪ جي اربين ڊالر جي سيڙپڪاري آهي، پر جڏهن سندن وقت آيو ته پاڪستان جي طرفان ساڳي سطح جي حمايت نظر نه آئي۔ تنهنڪري هاڻي گڏيل عرب امارات چيو آهي ته پهريان اسان جا پئسا واپس ڪيا وڃن، پوءِ ڏسنداسين اڳتي ڇا ٿئي ٿو۔هاڻي پاڪستان جي طرفان موقف اهو آهي ته هو قرض واپس ڪري رهيو آهي ۽ انهن کي پئسن جي ضرورت آهي، جڏهن ته هن صورتحال کي ڪجهه ماڻهو ناڪامي کي ڪاميابي طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش سمجهن ٿا۔اهو به بحث هلي رهيو آهي ته شايد سعودي عرب به پنهنجو قرض واپس وٺڻ جي سوچ ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دفاعي معاهدو موجود آهي، جنهن تحت پاڪستان سعودي عرب ۾ پنهنجا فوجي به رکيا آهن، پر سعودي عرب جي مطابق هن معاهدي مان ان کي ايترو فائدو نه مليو جيترو توقع هئي۔ٻئي طرف، سعودي عرب تي به دٻاءُ آهي، خاص طور تي جڏهن آمريڪي پاليسين ۽ خطي جي حالتن جو اثر پيو آهي۔انهيءَ ماحول ۾گڏيل عرب امارات جي فيصلي کي ڪجهه ماڻهو هڪ وڏي تبديلي طور ڏسي رهيا آهن، جتي هر ملڪ هاڻي پنهنجن مفادن کي پهرين ترجيح ڏئي رهيو آهي۔ان کان علاوه ايران ۽ آمريڪا سان لاڳاپيل صورتحال به جاري آهي، جتي مختلف دعوائون ۽ تڪراري بيان سامهون اچي رهيا آهن۔ ڪجهه ذريعن مطابق ايران پاڪستان جي ذريعي ڳالهين تي تحفظات ظاهر ڪيا آهن، جڏهن ته پاڪستان سفارتي ڪوششون جاري رکڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي۔ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان جي سفارتڪاري، عالمي اعتماد، ۽ معاشي حالت تي سوال اٿي رهيا آهن، ۽ ڪيترائي مبصر چون ٿا ته ملڪ اندر ۽ ٻاهر اعتماد جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي۔آخر ۾ اهو به چيو پيو وڃي ته هن ماحول ۾ پاڪستان کي پنهنجي پاليسين، معيشت، ۽ سفارتي حڪمت عملي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته موجوده صورتحال ۾ ڪيترائي دوست ملڪ به پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪري رهيا آهن۔
يو اي اي پاران ايران جي مخالفت بعد پاڪستان لاءِ سفارتي محاذ تي وڏي آزمائش
اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) سينيئر صحافي ۽ تجزيي نگار نجم سيٺي انڪشاف ڪيو آهي ته گڏيل عرب امارات پاڪستان کي ڏنل ٻه ارب ڊالر واپس گهري ورتا آهن، جنهن ڪري ملڪي معيشت تي وڌيڪ دٻاءُ اچي ويو آهي. هن هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي چيو ته يو اي اي هن وقت کليل نموني آمريڪا ۽ اسرائيل سان گڏ بيٺل آهي ۽ ايران جي خلاف هڪ منظم مهم هلائي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ايران جي خلاف ڪنهن به اهڙي ڪارروائي جو حصو نٿو بڻجي سگهي. نجم سيٺي موجب پاڪستان کي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي چيلنجز جو مقابلو ڪرڻو آهي، جنهن ۾ يو اي اي ۽ سعودي عرب کي خوش رکڻ سان گڏ چين، روس ۽ ايران کي ناراض نه ڪرڻ شامل آهي، پر موجوده عالمي تناظر ۾ اهو توازن برقرار رکڻ ڪو سولو ڪم ناهي. تجزيي نگار وڌيڪ چيو ته پاڪستان هن وقت ٽن مختلف محاذن تي جنگ وڙهي رهيو آهي، جنهن ۾ ڀارتي ۽ افغان سرحدن تي موجود ڇڪتاڻ سان گڏ ملڪي معيشت جي بقا واري جنگ به شامل آهي. ڀارتي بچاءُ واري وزير پاران تازي ڏنل ڌمڪي ۽ افغانستان سان وڌندڙ تڪرار صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. نجم سيٺي جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي دفاعي گهرجن ۽ هٿيارن لاءِ چين تي ڀاڙي ٿو ته جيئن ڀارت جو مقابلو ڪري سگهجي، پر معاشي ضرورتن لاءِ اسان جو انحصار آمريڪا، آءِ ايم ايف ۽ خليجي ملڪن تي آهي. هن چيو ته حڪومت هن وقت معاشي دلدل مان نڪرڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪري رهي آهي پر وڌندڙ آبادي ۽ ننڍي معيشت سبب عوام تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جڏهن ته امير طبقو پنهنجا مفاد بچائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو.
مدو پورو ٿيڻ تي يو اي اي کي ٻه ارب ڊالر واپس ڪريون پيا:پرڏيهي وزارت
اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزارت ، متحده عرب امارات ( يو اي اي)جي مالي ذخيرن بابت ڪيل تبصرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي۔پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي مالي ذخيرن بابت تازا تبصرا بي بنياد ۽ حقيقت جي ابتڙ آهن۔ترجمان وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ بينڪ ۾ رکيل اهي ذخيرا ٻه طرفي واپاري معاهدن جو حصو هئا۔هن اهو به واضح ڪيو ته پاڪستان حڪومت طئي ٿيل شرطن مطابق مدت پوري ٿيڻ تي اهي ذخيرا واپس ڪري رهي آهي۔