ايران جنگ جون تباهه ڪاريون:ارب پتي به محفوظ نه رهي سگهيا

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)ايران جنگ جي سبب عالمي معيشت تي ناڪاري  ظاهر ٿيا آهن ۽ مارچ 2026 ارب پتين لاءِ نقصان وارو مهينو ثابت ٿيو،آمريڪي رسالي فوربز موجب، ان دوران اسٽاڪ مارڪيٽ جا وڏا انڊيڪس S&P 500 ۽ NASDAQ لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو گهٽجي ويا، جنهن سبب دنيا جي امير ترين ماڻهن جي دولت ۾ گهٽتائي آئي۔رپورٽ موجب دنيا جي 10 امير ترين ماڻهن مان 9 اپريل جي شروعات تي اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ دولت سان داخل ٿيا۔ مجموعي طور تي انهن جي دولت 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ گهٽجي 2.5 ٽريلين ڊالر رهجي وئي۔درجه بندي ۾ به وڏيون تبديليون ڏسڻ ۾ آيون۔ ٽاپ 10 ۾ شامل ماڻهن مان صرف 4 پنهنجي پوزيشن برقرار رکي سگهيا، جن ۾ ايلون مسڪ بدستور پهرين ۽ سرگئي برن ٻئي نمبر تي موجود آهن۔ البت مسڪ ۽ ليري پيج سميت 5 وڏن ارب پتين جي دولت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي،ايلن  مسڪ جي دولت 22 ارب ڊالر گهٽجي 817 ارب ڊالر رهجي وئي، جڏهن ته ليري پيج جي دولت 20 ارب ڊالر گهٽتائي  بعد 237 ارب ڊالر تائين اچي وئي۔سڀ کان وڌيڪ نقصان فرانس جي برنارڊ آرنو کي ٿيو، جيڪو ستين نمبر کان ڏهين نمبر تي اچي ويو ۽ سندس دولت 28 ارب ڊالر گهٽجي وئي۔ اهڙي طرح اسپين جي امانسيو اورٽيگا به نمايان طور هيٺ آيو ۽ سندس دولت ۾ 20 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي۔وارن بفيٽ به ٽاپ 10 مان ٻاهر ٿي ويو ۽ نائين کان يارهين نمبر تي اچي ويو۔ ٻئي پاسي وال مارٽ جي وارث راب والٽن معمولي نقصان باوجود ٽن سالن بعد ٻيهر ٽاپ 10 ۾ شامل ٿي ويو۔هن فهرست ۾ واحد واڌارو مائيڪل ڪليڊل جي دولت ۾ ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو 13هين نمبر کان اٺين نمبر تي اچي ويو جڏهن جيف بيزوس به ٽئين نمبر تي اچي ويو، جيتوڻيڪ سندس دولت ۾ معمولي گهٽتائي ٿي۔فوربز موجب مارچ 2026 ۾  سڄي دنيا ۾ 3,428 ارب پتي موجود هئا۔ هي انگ اکر 1 اپريل 2026 تائين جا آهن، جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ روزاني لاهن چاڙهن  سبب دولت ۾ به لڳاتار تبديليون ٿينديون رهن ٿيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.