پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ وچ اوڀر جنگ جي ڪري ٿي، حڪومت جو هٿ نه آهي:راڻا ثناءُالله

فيصل آباد(م ڊ)سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُالله جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ ۾ حڪومت جو ڪو به عمل دخل ناهي، جيڪڏهن توهان احتجاج ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسرائيلي وزيراعظم خلاف ڪريو. فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نائب وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُالله چيو ته اڳ ۾ اهو سوچيو ويندو هو ته جنگ ٽن کان چار هفتن ۾ ختم ٿي ويندي، پاڪستان آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن تي عمل ڪري رهيو آهي. رانا ثناءُالله چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن جي ڪري تيل جي فراهمي ۾ ڪا به خلل نه پيو، پيٽروليم شين جي قيمتن کي انتهائي مجبوري ۾ وڌائڻو پيو. هن چيو ته ڪجهه گروهه پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ وچ اوڀر ۾ جنگ جي ڪري ٿي، حڪومت جو ان ۾ ڪو به عمل دخل ناهي، حڪومت خلاف ڪو به احتجاج ناهي، جيڪڏهن توهان احتجاج ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسرائيلي وزيراعظم خلاف ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.