نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد جو ڪپتان پيٽ ڪمنز زخمي چيلهھ جي آخري اسڪين لاءِ ٽورنامينٽ اڌ ۾ ڇڏي آسٽريليا روانو ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب، ڪرڪيٽ آسٽريليا جي نگرانيءَ هيٺ ٿيندڙ اسڪين کانپوءِ ڪليئرنس ملڻ جي صورت ۾ سندس 17 اپريل تي ٽيم سان ٻيهر شامل ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ڪمنز ڪولڪاتا نائيٽ رائيڊرز خلاف ميچ کانپوءِ ڀارت مان روانو ٿيو.
واضح رهي ته پيٽ ڪمنز اڳ ئي چئي چڪو آهي ته چيلهه جي انجري سبب هو ٽورنامينٽ جون شروعاتي ميچون نه کيڏي سگهندو ۽ ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ هو ميگا ايونٽ جي آخري مرحلي ۾ واپسي ڪندو، سندس غير موجودگيءَ ۾ ايشان ڪشن ٽيم جي قيادت جاري رکندو.