ممبئي (ويب ڊيسڪ) انڊين سنگرز اينڊ ميوزيشن رائٽس ايسوسيئيشن (آءِ ايس اي ايم آر اي) اعلان ڪيو آهي ته 26 هزار گلوڪارن ۽ موسيقارن ۾ 100 ڪروڙ رپيا رائلٽي طور ورهايا ويا آهن.
گلوڪار سونو نگم چيو ته هي هڪ اهم لمحو آهي، جتي گلوڪارن جي محنت کي سڃاڻپ ملي رهي آهي ۽ سندن حقن جي واپسي ٿي رهي آهي.
آءِ ايس اي ايم آر اي جي باني سنجي ٽنڊن موجب، شروع 51 هزار رپين جي رائلٽي کان ٿي هئي، جيڪا هاڻي وڌي 100 ڪروڙ تائين پهچي وئي آهي، جيڪو فنڪارن جي حقن جي بحالي جو ثبوت آهي.
انوپ جلوٽا چيو ته هي رڳو مالي معاملو نه پر گلوڪارن جي عزت ۽ وقار سان جڙيل اهم قدم آهي.
سونو نگم خبردار ڪيو ته اي آءِ ٽيڪنالاجي فنڪارن جي آواز لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، تنهنڪري اجازت ۽ مناسب معاوضي لاءِ مضبوط قانوني نظام ضروري آهي.
اداري موجب، مستقبل ۾ وڌيڪ فنڪارن کي هن نظام ۾ شامل ڪرڻ ۽ رائلٽي کي عام رواج بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.