ڀارت ۾ ڪنڊوم جي کوٽ ڇو پيدا ٿي ؟ ڪارڻ سامهون اچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايران جنگ جي ڪري جتي ڀارت ۾ تيل ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اتي ئي مختلف ضرورت جي شين سميت ڪنڊوم جي مارڪيٽن تائين فراهمي به متاثر ٿي رهي آهي.
ڪنڊوم صنعت سان واڳيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان جي تياري لاءِ گهربل امونيا ۽ سليڪون تيل سميت ٻين شين جي پهچ ۾ رنڊڪ جي ڪري ڪنڊوم جي اگهن ۾ واڌ جو خدشو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ ڪنڊوم صنعت جي ڪُل ماليت 80 ارب رپيا آهي ۽ هاڻي خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته امونيا جي اگهن ۾ 40 کان 50 سيڪڙو واڌ ٿي سگهي ٿي، جيڪا سليڪون آئل جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو ڪارڻ بڻبي.
هن صنعت سان واڳيل هڪ اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”ڪنهن سوچيو به نه هو ته جنگي صورتحال جي ڪري ڪنڊوم جي صنعت کي ڪو مسئلو ٿيندو.“
پر ماهرن موجب، رڳو اگهه وڌڻ ئي ڳڻتي جوڳو ڪارڻ ناهي، پر هن مسئلي جا مستقبل ۾ آبادي، صحت، خانداني رٿابندي ۽ ايڊز ڪنٽرول پروگرامن تي پڻ ڳڻتي جوڳا اثر پئجي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.