اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل عرب امارتن جو قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، پاڪستان 2 ارب ڊالر هن مهيني جي آخر ۾ ابوظهبي کي واپس ڪندو، جيڪا رقم پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ سيڪور ڊپازٽ طور موجود هئي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، پاڪستان هن رقم تي 6 سيڪڙو جي شرح سان وياج ادا ڪري رهيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته يو اي اي پهرين اِها رقم کي سالياني بنياد تي رول اوور ڪندو رهيو ۽ ڊسمبر 2025 ۾ هڪ مهيني لاءِ ۽ پوءِ ٻه مهينن لاءِ رول اوور ڪئي وئي.
ذريعن موجب، موجوده بين الاقوامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي يو اي اي رقم جي فوري واپسي جو مطالبو ڪيو هو.