ڊيوڊ وارنر ۽ حيدر اظهر وچ ۾ جهيڙو؟ ڪراچي ڪنگز جي وائرل وڊيو جي حقيقت سامهون اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي يارهين ايڊيشن ۾ گذريل ڏينهن ڪراچي ڪنگز جي ٽيم راولپنڊيز کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏني جنهن کانپوءِ ميچ جي پڄاڻي جي هڪ وڊيوسوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وائرل وڊيو ۾ ڊيوڊ وارنر کي پنهنجي ساٿي رانديگر معين علي ۽ ٽيم ڊائريڪٽر حيدر اظهر سان ڳالهائيندي ڏٺو ويو، ڪجهه واهپيدارن ان کي جهيڙو قرار ڏنو.
ان کانسواءِ ڀارتي ميڊيا به پروپيگنڊا شروع ڪئي ته وارنر ۽ حيدر اظهر وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جڏهن ته بعد ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽر وضاحت ڪندي چيو ته هو رڳو هٿ ملائڻ بابت ڳالهائي رهيو هو.
حيدر اظهر پڻ وضاحت ڪئي ته ڪو به جهيڙو نه ٿيو، سڀ ڀوڳ مذاق ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.