تهران/واشنگٽن/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، ايران جي پاسدارانِ انقلاب پنهنجي فضائي حدن اندر آمريڪا جو هڪ ٻيو جديد ترين جنگي جهاز ايف 35 ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران هوش کان ڪم نه ورتو ته پلون ۽ پاور پلانٽس ايندڙ هدف ٿي سگهن ٿا، ٻئي پاسي، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي ڌمڪين جو جواب ڏيندي چيو آهي ته شهري انفرااسٽرڪچر تي حملن سان ايران ڪنهن به صورت ۾ هٿيار نه ڦٽا ڪندو.
پاسدارانِ انقلاب آمريڪا جو هڪ ٻيو جديد جنگي جهاز ايف 35 ڪِيرائي وڌو
عرب ميڊيا موجب،ايران ٻيو آمريڪي ايف 35 جنگي جهاز ڪِيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پاسداران انقلاب گارڊز جو چوڻ آهي ته وچ ايران جي هوائي حدن ۾ آمريڪي جنگي جهاز ايف 35 ڪيرايو ويو، جهاز جي پائلٽ بابت تفصيل سامهون ناهن آيا.
ايراني ميڊيا موجب، جهاز ۾ زوردار ڌماڪي سبب امڪان آهي ته پائلٽ کي ايجڪٽ ڪرڻ جو موقعو نه مليو هجي، جڏهن ته آمريڪي سينٽ ڪام ايراني دعويٰ تي هن وقت تائين ڪو ردعمل ناهي ڏنو.
پُلون ۽ پاور پلانٽ ايندڙ هدف ٿي سگهن ٿا: ڊونلڊ ٽرمپ جو ايران کي سخت چتاءُ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي فوج، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ طاقتور فوج آهي، هن وقت تائين ايران ۾ جيڪو ڪجهه بچيل آهي ان کي تباهه ڪرڻ شروع ناهي ڪيو، پل ۽ پوءِ پاور پلانٽ ايندڙ هدف ٿي سگهن ٿا، ايران جي نئين قيادت ڄاڻي ٿي ته تيزي سان ڇا ڪرڻو آهي.
ايراني ميزائلن اسرائيل ۾ تباهي مچائي ڇڏي، آمريڪي بحري ٻيڙي ابراهم لنڪن تي به حملو
ايران اسرائيل تي تازا ميزائل حملا شروع ڪري ڇڏيا، اسرائيلي شهر جي وچ ۾ ميزائل ڪرڻ سبب ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي، اسرائيلي ايئر ڊفينس سسٽم ايراني حملا روڪڻ ۾ ناڪام رهيو.
ٻئي پاسي ايراني بحريه قيشم ٻيٽ تي دشمن جو ويڙهاڪ جهاز به ڪِيرائي ڇڏيو.
پاسداران انقلاب موجب، آبناءِ هرمز ويجهو سمنڊ ۾ دشمن جو جهاز تباهه ڪيو ويو، جديد جهاز کي نيوي ايئر ڊفينس نشانو بڻايو، جڏهن ته آمريڪي جنگي جهاز بردار ٻيڙي ابراهم لنڪن تي به ڪروز ميزائلن سان حملو ڪيو ويو.
ايران پاران آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن کان فيس وٺڻ سامونڊي ڌاڙي برابر آهي: خليفا شاهين المرر
اماراتي مملڪتي وزير خليفا شاهين المرر چيو آهي ته ايران کي عالمي قانون تحت آبناءِ هرمز بند ڪرڻ جو حق ناهي، آبناءِ هرمز مان گذرڻ لاءِ فيس وٺڻ سامونڊي ڌاڙي برابر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته علائقي جي حالتن کي نظر ۾ رکندي فوري ڪارروائي لاءِ تيار آهيون.
شهري انفراسٽرڪچر تي حملن سان ايران هٿيار ڦٽا نه ڪندو: عباس عراقچي جو آمريڪا کي جواب
آمريڪي حملن تي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شهري انفراسٽرڪچر سميت پُلن تي حملن سان ايران هٿيار ڦٽا نه ڪندو .
هن چيو ته هر تباهه ٿيل عمارت ۽ پل کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، پر جيڪا ڪڏهن بحال نه ٿي سگهندي، آها آمريڪا جي خراب ٿيل ساک آهي.