تهران/واشنگٽن(ايران خميس جي صبح کان علائقي ۾ آمريڪي فوجي اڏن ۽ اسرائيلي فوجي اڏن تي سخت حملن جي تصديق ڪئي آهي، انهن کي جنگ جي شهيدن ۽ ايران خلاف تازي جارحيت جو جواب قرار ڏنو آهي. ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري پريس ٽي وي موجب، پاسداران انقلاب پنهنجي 90 هين حملي جي لهر ۾ وچ اوڀر ۾ آمريڪي صنعتي سهولتن کي نشانو بڻايو آهي. الڳ الڳ مرحلن ۾ ڪيل حملن ۾ گڏيل عرب امارات ۽ بحرين ۾ اسٽيل ۽ ايلومينيم صنعتن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا شامل هئا.انقلابي گارڊز پاران جاري ڪيل بيان موجب، علائقي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجي مفادن سان ڳنڍيل اهم انفراسٽرڪچر، اسرائيلي هوائي فوج ۽ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي. بيان موجب، بحرين جي گادي واري هنڌ مناما جي ويجهو آمريڪي فوجي هٿيارن جي سهولتن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ رافيل هٿيارن جي ڪارخاني ۽ آمريڪي فوجن جي ڳجهيون جڳهيون شامل آهن. ابو ظهبي ۾ اسٽيل پلانٽ ۽ بحرين ۾ آمريڪي ايلومينيم سهولتن کي به نشانو بڻايو ويو جيڪي اڳوڻن حملن کان بچي ويا هئا. انقلابي گارڊز جي مطابق، حملي ۾ درجنين آمريڪي اهلڪار مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا. حملن کان فوري بعد، سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيرو ڪيو ۽ ايمبولينس ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين زخمين کي منتقل ڪندي رهي.ايران جو اڳوڻو پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ڪمال خرازي، جنهن تي آمريڪا ۽ اسرائيل حملو ڪيو هو، زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. آمريڪا ۽ اسرائيل تهران ۾ ڊاڪٽر ڪمال خرازي جي گهر تي حملو ڪيو، جنهن ۾ سندس زال شهيد ٿي وئي، جڏهن ته ڊاڪٽر ڪمال خرازي سخت زخمي ٿي پيو ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو ڪوما ۾ هو.ايران ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد ذريعن ڊاڪٽر ڪمال خرازي جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. سندس شهادت ايران ۾ سفارتڪاري ۽ تعليم جي ميدان ۾ هڪ اهم باب کي بند ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر ڪمال خرازي ايران جي نئين سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبيٰ حسيني خامنه اي جو صلاحڪار هو. ان کان اڳ، هو شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي حسيني خامنه اي جو صلاحڪار پڻ هو. يراني انقلابي گارڊ ڪور دعويٰ ڪئي آهي ته انهن بحرين ۾ هڪ ايميزون ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سينٽر کي نشانو بڻايو آهي.انقلابي گارڊز هڪ بيان ۾ چيو ته آپريشن دشمن لاءِ پهريون عملي انتباہ هو ته جيڪڏهن خبردارين کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ نشانو بڻائي حملا جاري رهيا ته اسان ٻين ڪمپنين کي نشانو بڻائينداسين جن جو اڳ ۾ اعلان ڪيو ويو آهي تمام گهڻي شدت سان. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر خطي ۾ انهن ڪمپنين جي مڪمل تباهي جو ذميوار هوندو.