لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪندڙ بيٽر فخر زمان پاڻ تي لڳل ٻن ميچن جي پابندي واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کيس بال ٽيمپرنگ واري معاملي تي ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي ليول ٿري جي ڀڃڪڙي سبب ٻن ميچن لاءِ معطل ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فخر زمان طرفان اپيل پي ايس ايل جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي وٽ جمع ڪرائي وئي آهي.
ياد رهي ته بال ٽيمپرنگ وارو واقعو لاهور قلندرز ۽ ڪراچي ڪنگز جي ميچ دوران سامهون آيو هو، جنهن تي ميچ ريفري روشن ماهانما ٻڌڻي کانپوءِ پابندي جو فيصلو ٻڌايو هو.