ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ هزارين رپين جي وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 15 هزار 300 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 94 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي اگهه ۾ 13 هزار 117 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن بعد اهو هاڻي 4 لک 23 هزار 578 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي في اونس سون 153 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4713 ڊالر جي سطح تي پهچي ويو آهي.
You might also like