آءِ پي ايل ڇڏي پي ايس ايل کيڏڻ جو فيصلو ڇو ڪيو؟ ايڊم زمپا ڀارتي ليگ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي اسڪواڊ ۾ شامل آسٽريلوي اسٽار اسپنر ايڊم زمپا انڪشاف ڪيو آهي ته انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ کيس سندس مهارت موجب اهو معاوضو نه پئي مليو جيڪو ٻين رانديگرن کي ملندو آهي.
هڪ مقامي اسپورٽس پليٽ فارم کي ڏنل انٽرويو ۾ آسٽريلوي ليگ اسپنر آءِ پي ايل ڇڏڻ جو ڪارڻ ٻڌائيندي چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ليگ تمام گهڻو وقت وٺي ٿي ۽ اتي کيس پنهنجي صلاحيتن پٽاندر پئسا به نه پئي مليا، تنهنڪري اتي کيڏڻ جو سلسلو جاري رکڻ سندس لاءِ مناسب فيصلو نه هو.
ايڊم زمپا چيو ته آءِ پي ايل ڇڏڻ کانپوءِ هو شروعاتي طور تي ڪرڪيٽ کان وقفو وٺڻ جو سوچي رهيو هو پر اوچتو پي ايس ايل کيڏڻ جو موقعو مليو جيڪو هن قبول ڪري ورتو، اهو سڀ ڪجهه تمام تيزي سان ٿيو جنهن کي هو هاڻي انجواءِ ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته ويجهڙائي ئي ۾ ڪراچي ڪنگز جو حصو بڻجندڙ ايڊم زمپا ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي سان سڀني کي متاثر ڪيو آهي ۽ پي ايس ايل جي معيار جي به واکاڻ ڪئي آهي.
ڪراچي ڪنگز جي رانديگر ايڊم زمپا لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي جي ساراهه ڪندي چيو ته هو هڪ شاندار بالر آهي ۽ جڏهن هو بالنگ ڪندو آهي ته هر بال تي ڪجهه خاص ٿيڻ جو احساس ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.