پاڪستاني حساس ادارن ڀارتي ڳجها رابطا ڊي ڪوڊ ڪري ڇڏيا، سازش ناڪام

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي حساس ادارن ڀارت جي هڪ وڏي فالس فليگ آپريشن جي رٿابندي کي بي نقاب ڪندي ان جي ڳجهي ڪميونيڪيشن کي ڊي ڪوڊ ڪري ورتو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارتي ڳجها ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان خلاف عالمي سطح تي پروپيگنڊا ۽ سرحدي ڪشيدگي پيدا ڪرڻ لاءِ خطرناڪ راند کيڏڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي اختيارين وٽ قيد پاڪستاني شهرين کي آزاد ڪري کين والاريل ڪشمير جي سرحدي علائقن ۾ منتقل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. هن سازش تحت، انهن بي گناهه قيدين کي ڪنهن ڪارروائي ۾ استعمال ڪري يا کين نشانو بڻائي ان جو الزام پاڪستاني فوج ۽ ادارن تي لڳايو ويندو، ته جيئن ان کي بنياد بڻائي اوڀر سرحد تي باهه ڀڙڪائي سگهجي.  حساس ادارن جي رپورٽموجب، ڀارت جو اصل مقصد پاڪستاني فوج جي ڌيان کي مشرقي سرحد تي منجهائڻ آهي ته جيئن علائقائي سيڪيورٽي صورتحال کي متاثر ڪري سگهجي. ياد رهي ته ڀارت ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا اهڙا ڊراما ڪري پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آهي، پر پاڪستاني انٽيليجنس ادارن بروقت ڪارروائي ڪندي ڀارتي سازش کي عالمي سطح تي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.