نيويارڪ(عوامي آواز نيوز)وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ خطري واري حد تائين وڌي وئي آهي، جتي يمن جي ايران نوازحوثي باغين پهريون ڀيرو اسرائيل تي ميزائل حملا ڪري جنگ جو دائرو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي۔ٻئي پاسي آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪا پڻ علائقي ۾ پنهنجي فوجي موجودگي وڌائيندي هزارين اهلڪار مقرر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن۔رپورٽن مطابق آمريڪا ايران خلاف امڪاني زميني ڪاررواين جي تياري ڪري رهيو آهي، جيڪي ڪيترن هفتن تائين جاري رهي سگهن ٿيون، جڏهن ته اهي وڏي پيماني جي حملي بدران محدود فوجي آپريشنن (ڇاپن) جي صورت ۾ ٿي سگهن ٿيون۔حوثين اسرائيل تي هائپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائل سان حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا۔ رپورٽن موجب هي موجوده تڪرار شروع ٿيڻ کان پوءِ سندن پهريون سڌو حملو آهي، جنهن سان علائقي ۾ وڏي جنگ جا خطرا وڌيڪ وڌي ويا آهن،هوڏانهن آمريڪا فوري ردعمل طور هزارين ميرينز وچ اوڀر ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن، جن مان پهريون دستو جنگي بحري جهاز ذريعي پهچي چڪو آهي۔آمريڪي ميڊيا مطابق پينٽاگون ايران خلاف ممڪن زميني ڪاررواين جي تياري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته حتمي فيصلو صدرٽرمپ ڪندو۔آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب آمريڪا ايران ۾ ڪيترن هفتن تائين جاري رهندڙ امڪاني زميني فوجي ڪاررواين جي تياري ڪري رهيو آهي۔اخبار ۾ گذريل ڏينهن شايع ٿيل رپورٽ، جنهن ۾ آمريڪي اختيارين جو حوالو ڏنو ويو آهي، موجب آمريڪي دفاعي کاتو ايران ۾ زميني ڪاررواين جي تياري ڪري رهيو آهي، جن ۾ خارگ ٻيٽ ۽ آبناءِ هرمز جي ويجهو ساحلي علائقن تي امڪاني چڙهايون شامل آهن۔رپورٽ موجب انهن منصوبن ۾ اسپيشل آپريشنز فورسز ۽ فوجي دستن پاران ڇاپا مار ڪارروايون شامل ٿي سگهن ٿيون۔ تنهن هوندي به آمريڪي صدر ٽرمپ اڃا تائين ڪنهن به مقرري جي منظوري ناهي ڏني۔آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جمعي ڏينهن زور ڀريو ته آمريڪا زميني فوجن کان سواءِ به پنهنجا سڀ هدف حاصل ڪري سگهي ٿو، پر آمريڪي اخبار موجب منصوبابندي جاري آهي۔هڪ اهلڪار چيو ته هي آخري لمحن واري منصوبابندي ناهي۔ٻئي پاسي ٽرمپ انتظاميه ايران ۾ جاري جنگ جي پنجين هفتي ۾ داخل ٿيڻ سان ئي وچ اوڀر ۾ آمريڪي ميرينز مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته آمريڪي فوج جي 82هين ايئربورن ڊويزن مان هزارين اهلڪار به علائقي ڏانهن موڪلڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي۔