جنگ سبب روايتي شپنگ روٽ متاثر، گوادر پورٽ جي اهميت وڌي وئي

گوادر (م ڊ) بحري معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب روايتي شپنگ روٽ متاثر ٿيا آهن، جنهن ڪري گوادر بندرگاهه جي اهميت ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي. گوادر پورٽ تي نئين جهاز جي ڪامياب برٿنگ واري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ٻڌايو ته ايم وي ايڇ ايم او ليڊر جي ڪامياب برٿنگ ٿي آهي ۽ 35 يونٽس ٽرانس شپمينٽ ڪارگو هينڊل ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته علائقائي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ گوادر بندرگاهه هڪ محفوظ بحري مرڪز طور اڀري رهي آهي، جنهن ڪري عالمي شپنگ لائنز هاڻي محفوظ متبادل طور گوادر جو رخ ڪري رهيون آهن. هن چيو ته خطي جي صورتحال سبب پراڻا لنگهه متاثر ٿيا آهن پر گوادر ۾ سيڙپڪارن ۽ ڪارگو لاءِ بهترين سهولتون موجود آهن، جن ۾ ٽرانس شپمينٽ ڪارگو لاءِ مفت اسٽوريج جي سهولت پڻ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.