اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب، ترڪي، مصر ۽ پاڪستان جا پرڏيهي وزير سڀاڻي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪندا، جنهن جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار تصديق ڪري ڇڏي آهي.
سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جا پرڏيهي وزير ٻن ڏينهن جي دوري تي سڀاڻي اسلام آباد پهچندا، جتي هو وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪندا.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ايران سان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، ايمانداري ۽ نيڪ نيتي سان تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته دوست ملڪ به ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي آفيس موجب، هي دورو نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي دعوت تي ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي سميت اهم معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويندا.