ريپر کان سياستدان بڻجندڙ 35 ورهين جو بليندر شاهه نيپال جو وزيراعظم بڻجي ويو

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ ريپر کان سياستدان بڻجندڙ 35 ورهين جو بليندر شاهه نئون وزيراعظم بڻجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب بليندر شاهه بدعنواني خلاف عوامي احتجاج کانپوءِ ٿيندڙ سياسي بحران ۾ شاندار ڪاميابي ماڻيندي اڳوڻي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي کي شڪست ڏني.
بليندر شاهه جي جماعت راشٽريا سوتنترا پارٽي پارليامينٽ ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هو دنيا جي ننڍي عمر وارن وزيراعظمن ۾ شامل ٿي ويو آهي.
بليندر شاهه کٽمنڊو جو ميئر به رهي چڪو آهي، هو سوشل ميڊيا ۽ پنهنجي ريپ موسيقي ذريعي نوجوانن ۾ مقبول ٿيو ۽ ڪرپشن خلاف سخت موقف اختيار ڪيائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.