وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني صدر سان رابطو، امن ڪوششن تي ڊگهي گفتگو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ هڪ هفتي دوران ٻيو ڀيرو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تفصيلي گفتگو ڪئي وئي.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم ۽ ايراني صدر ۾ گفتگو هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم ايران تي حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ ڏکئي وقت ۾ ايراني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
شهباز شريف پاڪستان طرفان امن جي قدمن جي ڀرپور حمايت جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اجتماعي ڪوششن سان ڇڪتاڻ جي خاتمي جو ڪو رستو نڪري ايندو.
مسعود پزشڪيان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي ڳالهين ۽ ٽياڪڙي لاءِ اعتماد سازي جي ضرورت تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.